بھرام(ن پ ا) بهرام ويجهو حاڪم شاهه درگاهه جي گيٽ اڳيان ڪارنھن الزام ھيٺ سام لاءِ آندل ناري جي قتل جو چاچي ۽ سئوٽ سميت 3 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، چاچو گرفتار، واقعي جو ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس ورتو، جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم، خبر موجب گذريل ڏينهن حاڪم شاهه درگاهه جي گيٽ اڳيان ڪارنھن الزام ھيٺ سام لاءِ آندل يتيم ناري افسانا مگسي جي قتل واري واقعي جو بھرام ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ ناري جي سئوٽ قربان مگسي، چاچي شاھنواز مگسي ۽ ھڪ نامعلوم کي جوابدار نامزد ڪيو ويو آهي، ڪيس داخل ڪرڻ بعد پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي نامزد ھڪ جوابدار ناري جي چاچي شاھنواز مگسي کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل ھٿيار هٿ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، هوڏانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ناري جي قتل جو نوٽيس ورتو، ڊي آءِ جي ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي سمورا جوابدار گرفتار ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.