ميلبورن (اسپورٽس نيوز) بگ بيش ليگ ۾ ميلبورن اسٽارز جي ٽيم هوبارٽ هوريڪنس کي 40 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پهرين بيٽنگ ڪندي ميلبورن اسٽارز مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 219 رنسون ٺاهيون، اسٽارز طرفان گلين ميڪسويل 76 ناٽ آئوٽ، بيو ويبسٽر 51، مارڪس اسٽوئنس 32 ۽ سيم هارپر 23 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، هوبارٽ هوريڪنس طرفان مارڪس بين، نيٿن ايلس، مچل اوون ۽ نکل چوڌري هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، هدف جي پٺيان هوبارٽ هوريڪنس جي پوري ٽيم ويهين اوور ۾ 179 رنسن تي ڍير ٿي وئي، هوريڪنس طرفان نيٿن ايلس 40، مچل اوون 38، نکل چوري ۽ ٽم ڊيوڊ 27، 27 ۽ ميٿيو ويڊ 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، اسٽارز طرفان مارڪ اسٽيڪيٽي 4، جوئل پيرس ۽ اساما مير 2، 2، جڏهن ته ٽوم ڪرن ۽ مارڪس اسٽوئنس هڪ هڪ وڪيٽ ورتي، بهترين ڪارڪردگي تي گلين ميڪسويل کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.