پشاور (م ڊ) ڪرم جي علائقي بگن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جي متاثرن لاءِ هنگو ۾ عارضي ڪيمپ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، بگن ۽ ڀرپاسي وارا علائقا خالي ٿي ويا، ٻئي ڏينهن به آپريشن جاري رهيو. ڊپٽي ڪمشنر هنگو گوهر زمان موجب محمد خواجا علائقي ۾ بگن متاثرن لاءِ عارضي ڪيمپ قائم ڪئي ويندي، سوين ايڪڙ ايراضي تي هزارين خاندانن لاءِ خيما وسندي قائم ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيمپ ڀرسان اسڪول، مسجدون ۽ ٻيون سهولتون موجود آهن. ان حوالي سان ڊي سي ٻڌايو ته پي ڊي ايم اي خيمن سميت ٻئي سامان جون 22 ٽرڪون فراهم ڪندي، ضلعي انتظاميا کي 4 ٽرڪون سامان ملي ويو آهي، ڪيمپ جي قيام تي ڪم شروع ڪيو ويندو. ڊي سي هنگو موجب لڏپلاڻ ڪندڙ ڪرم متاثرن کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.