بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۾ صفائي جو نظام بهتر نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب مختلف پاڙن ۾ نالين جو گندو پاڻي گهرن اندر داخل ٿيڻ لڳو. شهر جي جئي شاھه پاڙي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته صفائي جو نظام بهتر نه هجڻ ڪري گندي پاڻي سان نالين ڀريل آهن، جنهن سبب گندو پاڻي هاڻ ديوارن کي نقصان پهچائڻ کانپوءِ گهر اندر داخل ٿي رهيو آهي، جڏھن ته جئي شاھ پاڙي جي رهواسي عابد علي ۽ ٻين داهيندي چيو اهي ته ميمڻ پاڙي ڀٽي پاڙي جو گندو پاڻي نالين ۾ بيهڻ سبب گهرن جي ديوارن کي نقصان پهچائي رهيو جدهن ته منهنجي گهر جو ڪم هلندڙ آهي ڪالم کوٽل آهن نالين جو گندو پاڻي ڪالمن جا کڏا گندي پاڻي مان ڀرجي ويا آهن جنهن جي شڪايت انتطاميه کي ڪرڻ باوجود به ڪو به ڪم ناهي ٿي سگهيو ۽ وڌيڪ گهرن کي پڻ نقصان پهچي رهيو آهي هنن ضلعي چيئرمين درياءَ خان مري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته گندي پاڻي جو نيڪال ڪري نالين جي ڪم ڪرايو.