بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيرا شريف ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، روز جي بنياد تي رولو ڪتا قبرون کوٽي لاش کائڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ بڪيراشريف خاصخيلي پاڙي جي قديمي قبرستان جمن شاھه ۾ رولو ڪتن قبر کوٽي لاش کائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن ڏسي ڪتي کي ڀڄايو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميه کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود  ڪو به تدارڪ نه ڪيو پيو وڃي، ۽ روز جي بنياد تي اسان جي پيارن جي لاشن جي تذليل ٿئي پئي۔ پر انتظاميه بلڪل خاموش آهي ۔  جڏهن ته رولو ڪتي گذريل رات خاصخيلي پاڙي جي واحد بخش خاصخيلي کي ڏاڙي وڌو جنهن کي پڻ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته انتظاميا کي گهرجي ته ڪتا مار مهم هلائي وڃي ته جئين وڌيڪ نقصان نه ٿئي.