بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيراشريف ٿاڻي جي حد يوسفاڻي فارم ۾ ڳوٺاڻن پاران ڳوٺ ۾ منشيات کڻي اچڻ تي روڪڻ تي منشيات فروشن ڳوٺاڻي والي ڏنو دل مٿان حملو ڪري ڏنو، جنهن کي ايمرجنسي حالت ۾ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرڻ بعد اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمي ٿيل ڳوٺاڻي جي ڀاء ابراهيم دل، واحد بخش دل جو چوڻ آهي ڳوٺ ۾ منشيات کڻي ايندا هئا جنهن ڪري منع ڪئي هئي ته هر روز ڳوٺ تي پوليس جا چڪر آهن منع ڪرڻ تي منشيات فروشن وڪيو دل، اياز دل، نادر دل ،اعجاز دل ۽ ٻين ڀاءُ والي ڏنو دل تي حملو ڪري ڏنو جنهن کي ايمرجنسي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جنهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي اسان ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سيد سليم شاھ کان مطالبو ڪيو آهي ته منشيات فروشن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.