بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيراشريف شيخ ڀرڪيو جي رهواسي 9 ورهين جي نينگر باقر علي قمبراڻي سان مبينا بدفعلي ڪئي وئي آهي. نينگر ٿاڻي تي پهچي بيان رڪاڊ ڪيو. نينگر باقر علي ۽ سندس چاچي برڪت علي قمبراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو اهي ته اسان شيخ ڀرڪيو جا رهواسي آهيون اسان جي رشتيداري آهي بڪيراشريف باقر علي جا ماما رهندا آهن گهر جا سڀ ڀاتي شيخ ڀرڪيو کان بڪيراشريف لاءِ اچي رهيا هئاسين رڪشا ۾ وڌيڪ جاءِ نه هئي ان ڪري پاڙي جي رهواسي امان علي پٽ انور علي قمبراڻي کي چيو ته موٽرسائيڪل تي بڪيراشريف اچو جيڪو نينگر کي کوکر باغ ۾ لاهي داٻا دڙڪا ڏنا ۽ مبينا زيادتي ڪئي، جنهن بعد اهو نينگر کي اهو چيو ته گهر جي ڪنهن به ڀاتي کي ڪجه نه ٻڌائجان.  نينگر پنهنجي بيان ۾ ٻڌائي ٿو ته ويجهو کوکر باغ ۾ موٽر سائيڪل لاهي ويو ۽ زوري زبردستي ڪرڻ بعد واپس بڪيراشريف ماما جي گهر ويجهو ڇڏي فرار ٿي ويو، نينگر باقر علي سندس چاچي برڪت علي قمبراني ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، جڏهن ته نينگر جو بيان رڪاڊ ڪرڻ بعد ميڊيڪل لاءِ چائلڊ پروٽيڪشن ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوابدار جي ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.