بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف شهر جي خاصخيلي پاڙي جي رهواسي الطاف خاصخيلي جي مال جي واڙي ۾ رولو ڪتن حملو ڪري 3 رڍن کي ڏاڙهي ماري ڇڏيو الطاف خاصخيلي جو چوڻ آهي ته انتظاميه کي بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود رولو ڪتن جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي سڄو سال جانورن جي خدمت ڪندا آهيون جڏهن ته رولو ڪتن کي مارڻ جي لکين روپيه بجٽ خبر ناهي ڪٿي استعمال ٿي رهي آهي,الطاف خاصخيلي داهيندي چيو آهي ته هڪ لک ماليت جون رڍون آهن جن کي ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو آهي سڄي سال محنت ڪري سنڀالو آهي انتظاميا انصاف ڪري ٻئي پاسي ڳوٺ الله بخش جروار ۾ شبير جروار جي ڀلي نسل جي بوندي ٻڪري کي رولو ڪتن ڏاڙهي ماري ڇڏيو، هن ٻڌايو ته ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻيل آهن ٻارن سميت ڪيترن ئي جانورن کي ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا سامهون آيا آهن انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ انتظاميا جي ذميواري آهي وس وران کان مطالبو آهي ته انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسسلو شروع ڪيو ويندو.