بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيرن واسي پورهيت تربت ۾ دهشتگردن هٿان قتل ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ ڪوڙو دائوداڻي جو رهواسي پورهيت هري لال دهشتگردن جي حملي ۾ قتل ٿيو ويو آهي. مقتول جي ڀاءُ ڀاء جئه رام ميگھواڙ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڀاء گذريل 9 سالن کان بلوچستان ۾ درزڪو ڪم ڪري بچن جو پيٽ گزر ڪندو هو تربت ۾ هوٽل تي ماني کائڻ لاء ويو جتي دهشتگردن پاران سندن شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري ٽن ڄڻن کي الڳ گوليون هڻي فرار ٿي ويا آهن جنهن ۾ ٻه ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا هڪ اسان جو ڀاء به قتل ٿي ويو، قتل ٿيل نوجوان هري لال جي عمر 45 ورهيه ٻڌائي پئي وڃي قتل ٿيل نوجوان کي 3 ٻارن جو اولاد آهي ٻه پٽ هڪ نياڻي سندس ڀاء جئرام ميگهواڙ جو وڌيڪ چوڻ هو ته 5 ڏينهن اڳ نوجوان ڳوٺ آيل هو واپس ويو آهي ته هن سان هي واقعو پيش آيو آهي اسان وزيراعظم پاڪستان ۽ ٻين اعلئ حڪمرانن کان انصاف جي گهر ڪريون ٿا، قتل ٿيل نوجوان هري لال جو لاش تربت کان ڪراچي پهچايو ويو جتان وارثن وصول ڪري ٽنڊوالهيار ويجهو ڳوٺ ڪوڙو دائوداڻي پهچايو جتي وڏي تعداد ۾ علائقي واسي پهچي ويا جڏهن ته تدفين آباڻي ڳوٺ ۾ ڪئي ويندي.