بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف جي خانگي ڪشش ايجوڪيشنل ايليمينٽري اسڪول ۾ رنگا رنگ ثقافتي پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ ٻارڙن تقريري مقابلا، ٽيبلوز ۽ چٽا ڀيٽي ۾ حصو وٺي انعام حاصل ڪيا. جڏهن ته پروگرام جي آرگنائيزر عبدالستار جروار، ماڻڪ حڪيم جروار،نويد علي کوکر، جان محمد کوکر، صلاح الدين جروار ۽ ٻين چيو ته پروگرام جو مقصد آھي ته سنڌ جي هزارين سالن جي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ايندڙ نسلن کي ڄاڻ ڏيون ته اسان سنڌي هزارين سالن جي ثقافت جا وارث آھيون ۽ سنڌ جي ڌرتي هميشا محبت امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آھي اسان اڄ به سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي فخر محسوس ڪندا آھيون ۽ سنڌ جا استاد، شاگرد، شاعر، اديب، دانشور توڙي سنڌ ۾ رهندڙ هر غيرتمند سنڌو درياھه مان نڪرندڙ ڪئنال ڪنهن صويت برداشت نه ڪندو ۽ اسان کي گڏجي هن جدوجهد ۾ حصو وٺڻو پوندو ۽ ڌرتي تي ڪنهن به ميري اک کي برداشت نه ڪيو ويندو جڏهن ته پروگرام جي آخر ۾ ڇھه ماهي امتحان جي رزلٽ پڻ ڏني وئي امتحانن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ ڪپ ۽ ميڊل پڻ ڏنا ويا ٻئي پاسي آيل مهمانن نياز پڙهيار، ناصر کوکر، نارائڻ داس، اعجاز کوکر، عبدالغفار کوکر ۽ ٻين کي اسڪول جي پرنسپال طرفان اجرڪن جا تحفا پڻ  پيش ڪيا ويا ۽ پروگرام ۾ بهترين ڪارڪردگي حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڪيش انعام پڻ ڏنا ويا.