ٽنڊوالهيار) رپورٽر (ٽنڊي الهيار ويجهو بڪيراشريف ٿاڻي جي حد خاصخيلي پاڙي ۾ پنهنجو گناھ لڪائڻ لا۽ شادي کان اڳ گورهاري ناري بشيران خاصخيلي مٿان پهنجي ٻارڙي کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو ڪيس بڪيراشريف ٿاڻي تي سرڪار پاران داخل ڪيو ويو آهي، داخل ايف آئي آر ۾ بڪيرا شريف پوليس ڄاڻايو آهي ته گذريل ڏينهن بڪيراشريف ٿاڻي ويجهو خاصخيلي پاڙي ۾ شادي شده عورت بشيران خاصخيلي پهنجي تازي ڄاول ٻارڙي کي گهٽا ڏئي مارڻ بعد گٽر ۾ اڇلايو پاڙي وارن جي اطلاع تي ٻارڙي جي لاش کي ڪڍرائي ڊي اين اي لا۽ اسپتال پهچايو ۽ عورت کي گرفتار ڪيو ويو جتي شاهدن جي موجودگي ۾ سرڪار پاران عورت تي ڪيس داخل ڪيو ويو ،ايف آءِ آر ۾ عورت جي ڏير خاصخيلي اهو  ڄاڻايو آهي ته بشيران خاصخيلي منهنجي ڀاڃائي آهي اٽڪل مهينو اڳ منهنجي ڀاءَ فيض محمد سان هن جي شادي ٿي هئي هن چيو ته منهنجي ڀاڃائي شادي کان اڳ حامله هئي شادي جي مهيني بعد هن کي ٻارڙو ڄائو جنهن کي باٿروم ۾ کڻي وڃي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد ڀاڃائي گٽر ۾ اڇلائي ڇڏيو  آهي.