بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۾کيسانه مائنر 2 شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هنيو.حاجي سجاد ميمڻ، عبدالرحيم درس ،عبدالواحد زرداري، جمن بڪيرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاڻي پوڇڙ تائين ناهي پهتو، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن، سرفراز واھ جي ليول هيٺ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري کيسانه مائنر 2 شاخ جي منڍ ۾ 4 فوٽ پڪو دڪو هنيو ويو آهي،  سال جو مدو پورو ٿيڻ وارو آهي پر شاخ جي منڍ ۾ لڳل 4 فٽ جو پڪو دڪو ختم ناهي ڪيو ويو، پوڇڙ ۾ پاڻي جي کوٽ شديد کوٽ برقرار آهي، پئيڻ جو پاڻي ناهي. آبپاشي کاتي  جي سرويئر فراز سهتو پاران ڳالهيون ڪري يقين دهاني ڪرائي ته کسيانه 2 شاخ جي منڍ جا واٽر ڪورس ڊزائين ڪيا پيا وڃن، اسان جي ذميواري آهي پاڻي پوڇڙ تائين پهچايو ويندو.