بڪيرا شريف (ن پ ا) بڪيراشريف ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مستحق عورتن لاءِ آيل رقم مان ڊوائيس هولڊرن جي مبينا ڪٽوتي جاري آهي، ڊوائيس هولڊر مافيا پاران مستحق عورتن جي آيل رقم مان 1000 کان 2000 هزار تائين ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. بڪيراشريف ۽ ڀرپاسي سميت ڪوڙو دائوداڻي ۽ موسئ خان پتافي ۾ ڊوائيس هولڊرن پاران مستحق عورتن جي آيل رقم 15500 جي رقم مان 1000 هزار کان 2000 روپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. ڊوائيس مافيا رمضان ملاح ۽ غلام مصطفيٰ پاران مستحق عورتن جي لاءِ قائم ڪيل سينٽر تي سهولتن جي کوٽ، عورتن جي ويهڻ جي ڪا به سهولت ميسر نه ڪري سگهيا. جڏهن ته پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پڻ ظاهر ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ضلعي انتظاميا سميت حد جي پوليس به ڊوائيس هولڊرن کان اوڳاڙي ڪرڻ ۾ مصروف آهي، مستحق عورتن دانهيندي چيو آهي ته ڪو به تدارڪ نٿو ڪري. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مستحق عورتن جي رقم ۾ ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرن سميت ڀاڱي ڀائيوار بڻيل ڪارين رڍن خلاف ڪارروائي ڪري رقم مڪمل ڏياري وڃي.