بڪيراشريف (ن پ ا ) بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل حسن کوسو ۾ مبينا زيادتي جو شڪار نينگري جي خبر ٽائيم ۽ پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيڻ بعد ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ابريز عباسي نوٽيس وٺندي جوابدار گرفتاري جو حڪم ڏنو. بڪيراشريف پوليس ٻن جوابدارن عيسيٰ کوسو ۽ شاهد کوسو کي گرفتار ڪري ورتو،  جڏهن ته يتيم نياڻي فريده کوسو جو علاج حيدراباد اسپتال ۾ جاري آهي. ٻئي پاسي متاثر نياڻي جي ڏاڏي محمد رمضان کوسو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موقف اختيار ڪيو ته نينگري گاھ ڪرڻ وئي ته عيسو ۽ شاهد کوسو ان سان زيادتي ڪئي.هوڏانهن بڪيراشريف پوليس ٻنهي جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان جسماني ريمانڊ تي ٻنهي جوابدارن کي پوليس حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف سوشل ايڪٽيويسٽ ايڊووڪيٽ منصور حيدر جروار يتيم نياڻي جو ڪيس مفت وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي. وڪيل پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم يتيم نياڻي سان ناانصافي ٿي آهي، وارثن سان گڏ آهيون، ڪيس مفت ۾ وڙهڻ لاءِ تيار آهيان.