بڪيراشريف(ن پ ا) بڪيراشريف ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڄام ڪلوئي مان 3 ڏينهن کان گهران ڪاوڙجي ويل 25 ورهين جي نوجوان سعيد ڪلوئي جو لاش ڳوٺ ڀرسان انبن جي باغ ۾ انب جي وڻ ۾ ٽنگيل هٿ آيو، ڳوٺاڻن لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس لاش وڻ مان لاهي وارثن حوالي ڪيو ، نوجوان جي وارثن نوجوان جو پورسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نوجوان جي والد نزير ڪلوئي پوليس کي بيان ڏنو آهي ته منهنجو پٽ 3 ڏينهن اڳ گهران ڪاوڙجي ويو هو، جنهن خودڪشي ڪئي آهي، اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي هن وڌيڪ چيو ته اسين پورسٽ مارٽم ۽ پوليس ڪارروائي به نٿا ڪرائڻ چاهيون، ان موقعي تي پوليس ڳوٺ جي ٻين معززن کان پڻ بيان ورتا آهن .