بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف پي ايس 59 جي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ گذريل هڪ مهيني کان 11 هزار بجلي جون تارون ٽٽڻ کانپوءِ مڪمل ڳوٺ اندواهي ۾ ورتل آهي، بجلي بند هجڻ خلاف علائقي واسين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مقصود جروار، مدثر جروار ،شوڪت سومرو ،عزيز جروار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بجلي بند هجڻ سبب سخت پريشان آهيون،   پيئڻ جي پاڻي جي به  کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جيڪڏهن نيون تارون نه لڳيون ته اليڪشن مهم جو بائيڪاٽ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.