سانگهڙ (رپورٽر) چوٽياريون ڊيم تي قائم بڪار ڍنڍ ريسٽ هائوس تي مقرر چوڪيدار محمد صالح ملاح ۽ روم بواءِ شھزاد علي ملاح احتجاج ڪندي چيو ته اسين سنڌ ٽوئرزم ڊپارٽمينٽ تحت هلندڙ ريسٽ هائوس تي ڊيوٽي ڪندا آهيون، ھنن چيو ته مقامي بااثر عبد الستار ملاح، سندس پٽن علي خان ۽ علي سبحان ملاح ڪيترن ئي سالن کان هراسان ڪري رهيا آهن، هڪ ڀيرو کين تشدد جو نشانو پڻ بڻايو ويو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي سندن خلاف ڪوڙي مهم هلائي وئي آهي، محمد صالح جو چوڻ هو ته غيرقانوني طور مفت ڪمرا وٺڻ جي گهر ڪئي وئي ۽ انڪار ڪرڻ تي نه رڳو سوشل ميڊيا تي بدنام ڪيو ويو، پر جعلي وڊيوز ذريعي عزت کي پڻ نقصان پهچايو ويو، هن جو چوڻ هو ته هو انتهائي ذهني دٻاءَ ۽ خوف ۾ زندگي گذاري رهيو آهي ۽ صورتحال ايتري خطرناڪ آهي جو کيس خودڪشيءَ جا خيال اچڻ لڳا آهن، هن عدالت کي اپيل ڪئي ته سندس تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.