نيوسعيدآباد ( ن پ ا) نيوسعيدآباد ويجھو بکر جمالي ۾ ھاء اسڪول وٽ فجر مھل 8 ھٿياربندن پرائمري استاد شبير جمالي جي گھر ۾ داخل ٿي گھر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سخت مارڪٽ بعد کانئن روڪ رقم ڇھ موبائيل فونون سونا زيور موٽر سائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان جنھن جي ماليت 20 لک روپيا ٻڌائي پئي وڃي ڦر ڪري گھر ڀاتين کي ھڪ ڪمري ۾ بند ڪري فرار ٿي ويا سندن دانھن تي پاڙيوارن اچي کين آزاد ڪرايو. نيوسعيدآباد پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي واردات جو جائزو ورتو ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ تحت مقامي پيرين جي مدد سان ھٿيار بندن جا پيرا کنيا پر ڪو به ڏس پتو پئجي نه سگھيو. واردات سبب علائقي ۾ خوف و ھراس ڇانيل آھي ۽ اطلاع تي واقعي واري ھنڌ وڏي تعداد ۾ ماڻھو گڏ ٿي ويا، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آھي