بڊاڻي(رپورٽ: احمد علي چاچڙ) بڊاڻي ۾ رتوڇاڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وچ شهر ۾ڪلينڪ تي حملو، 2 نوجوان مارجي ويا، ٻن ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 7 ٿي ويو، شهر ۾  نامعلوم هٿياربندن موٽرسائيڪل تي سوار ٿي وچ شهر اندر ڊاڪٽر عبدالغفار ڏنگر جي اسپتال ٻاهران بيٺل ڳوٺ ميان غلام نبي ڏنگر جي رهواسين مٿان انڌاڌند فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان عبدالرحمان ولد تاج محمد ڏنگر موقعي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته نوجوان منير احمد ولد عبدالحئي ڏنگر زخمي ٿي پيو، جنهن کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هٿياربندن جي فائرنگ دوران ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته شهر مڪمل طور بند ٿي ويو، هٿياربند بغير ڪنهن خوف جي سري عام فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف فائرنگ زخمي ٿيل نوجوان منير احمد ڏنگر ڪشمور جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، اسپتال ۾ موجود ڏنگر برادري جي ماڻهن عبدالله ڏنگر ٻڌايو ته اسانجي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، امن پسند ڳوٺاڻا آهيون، نوجوان عيد خريداري لاءِ شهر آيا جتي موٽرسائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن کين فائرنگ ڪري قتل  ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

انتظامي خاموشي سواليا نشان، پوليس خونريزي پئي ڪرائي: شهري

بڊاڻي: شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن چيو آهي ته ٻن ڏينهن کان قتل عام جاري آهي پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، ڪشمور پوليس مڪمل طور ناڪام بڻجي چُڪي آهي، جوابدار سرعام فائرنگ ڪري ماڻهن کي قتل ڪري فرار ٿي وڃن ٿا،  هتي قانون جي نالي ڪا به شئي نظر نه پئي اچي، جيڪو سواليا نشان آهي، هنن الزام هنيو ته ڪشمور پوليس قبيلائي تڪرارن کي هٿي وٺرائڻ ۾ هن وقت اهم ڪردار ڪري رهي  آهي.

 

عيد جي خوشين بدران رهواسين ۾ سوڳ، ڪاروبار سخت متاثر

بڊاڻي: شهر ۾ خوف واري صورتحال سبب عيد خوشيون ڪرڻ بدران هر ماڻهو  سوڳ ۾ مبتلا بڻجي ويو آهي، جڏهن ته واپارين جو ڪاروبار به متاثر ٿيو آهي.

بڊاڻي ۾ 7 ڄڻن جي قتل ۽ فائرنگ واقعن بعد ڏهڪاءُ پکڙيل

بڊاڻي: بڊاڻي ۾ مسلسل رتوڇاڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، ٻن ڏينهن ۾ ست انساني جانيون ضايع  ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب  عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن، علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال آهي.

سرعام فائرنگ هلي ٿي پر ضلعي انتظاميا تماشائي بڻيل آهي: شهرين جا واٽس اپ گروپن تي وائيس ميسيج

بڊاڻي:  شهر واسي واٽسپ گروپن ۾ وائيس آوور ڪري چئي رهيا آهن، هر طرف فائرنگ هلي پئي، ضلعي انتظاميا شهر کي تباهه برباد ڪرڻ چاهي ٿي، قتل عام ٿي رهيو آهي، پر انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي.