بڊاڻي(ن پ ا) ضلعي ڪشمور ۾ ڌاڙيلن پاران ڀتو گهرڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو،ڳوٺاڻي کي  ڀتي لاءِ ڌاڙيلن جي فون 50 لک ڀتو ڏيو نه ته کيس نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون، ڳوٺ مولوي دڙي واسي صدرالدين ڇڄڻ کي ڌمڪي ڌمڪين واري آڊيو رڪارڊنگ ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي، آڊيو ۾ ڏوهاري ڀتي جي رقم نالو ٻڌائڻ بنا سهولتڪار کي پهچائڻ جو پڻ چئي رهيو آهي، جڏهن ته ڳوٺاڻي صدرالدين ڇڄڻ جو چوڻ هو ته اسين مسڪين پورهيت هاري آهيون هر روز ڪڏهن شر گينگ ته ڪڏهن بنگوار گينگ ڀتي لاءِ فون ڪري نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا، سندس چوڻ هو ته ڏوهارين فون ڪري 50 لک رپيا ڀتي ڏيڻ لاءِ چيو آهي، ٻي صورت ۾ ڌمڪايو ويو، اسان وٽ ايتري سگھه ناهي جون ڌاڙيلن کي ڀتو ڏيون، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.