بڊاڻي(ن پ ا) بڊاڻي ۾ گڏھ گاڏي جي ٽڪر لڳڻ واري معمولي جهيڙو خوني تڪرار ۾ تبديل ٿيڻ واري واقعي ۾ پنج انساني جانيو ذائع ٿيڻ وارو معاملو، بڊاڻي شهر معمول موجب کُلي نه سگهيو ، شهر طرف اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن مٿان پوليس نفري مقرر نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب وڌيڪ رتوڇاڻ جو خدشو برقرار آهي،  جڏهن ته عيد جُون خوشيون  ماتم تبديل ٿي ويون آهن، جڏهن ته ڀٽا برادري جي ٻنهي مقتولن جا وارث تڏي تي ويٺل آهن ۽ عذر خواهي جو سلسلو پڻ هلندڙ آهي، جڏهن ته شهر اندر ڀٽا برادري جا دڪان سوڳ سبب بند پيل آهن، عيد هجڻ ڪري شهر جي بند پيل دڪانن کي ڀٽا برادري جي معززين کولرايو،  شهر اندر معمول موجب ماڻهن جي رش نظر نه آئي.   ٻي طرف هٿياربندن جي حملي ۾ قتل ٿيل ڀٽا برادري جي ٻن مقتولن عاشق علي ۽ عامر علي ڀٽو جو قتل ڪيس بنگوار برادري 14 سڃاتل ۽ 6 اڻسڃاتلن سميت 20  جوابدار مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو آهي، مقتول عاشق ڀٽو جي والد جي فرياد تي داخل ڪيس ۾ بشير، نصير، نظر علي، فيض، محمد، حيدر علي، اميد علي، حضورو ۽ ٻيا نامزد ڪيا ويا آهن.