بڊاڻي (رپورٽ: احمد علي چاچڙ) بڊاڻي ڀرسان ڳوٺ علي بلاول خان ڊومڪي لڳ گنڊير پوليس پڪٽ تي موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيلن حملو ڪري ٻن پوليس اهلڪارن اصغر چاچڙ ۽ عبدالغني شيخ کي يرغمال بڻائي پوليس اهلڪار عبدالغني شيخ کي زخمي ڪري ڇڏيو، اصغر چاچڙ کي سرڪاري هٿيار سميت اغوا ڪري ڪچي طرف آساني سان فرار ٿي ويا.جڏهن ته ڌاڙيلن پوليس اهلڪار عبدالغني شيخ جو به سرڪاري هٿيار ڦر ڪري کڻي ويا، جڏهن ته واقعي بعد علائقي واسين زخمي پوليس اهلڪار کي شهر جي نجي اسپتال آندو جتي طبي امداد ڏني وئي, جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ شرط چاچڙ برادري جا سوين ماڻهو هٿيارن سان چڱي مڙس اصغر چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ڏوهارين جا پيرا کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا، جڏهن ته مياڻي پوليس ٻڌايو ته هٿياربند ڏوهارين پڪٽ تي حملو ڪري هڪ پوليس اهلڪار کي اغوا ۽ ٻي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن هنن چيو ته اسين هن وقت چاچڙ  برادري جي ماڻهن سان ڪچي ۾ موجود آهيون,جڏهن ته چاچڙ برادري جي چڱي مڙس پنهنجي برادري جي ماڻهن کي اهو چئي واپس موٽائي ڇڏيو ته اوهان هن وقت واپس وڃو اوهانکي خوشخبري ملندي، ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته مياڻي پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري مغوي پوليس اهلڪار کي بازياب ڪرائڻ بدران راڄوڻي جي ڪوشش ۾ رُڌل آهي,جڏهن ته ٻي پاسي ڏينهن ڏٺي جو پوليس پڪٽ تي ڪاھ ڪري اهلڪار کي اغوا ۽ زخمي ڪرڻ بعد سموري علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو آهي. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي پوليس اهلڪار جي اغوا واقعي بعد پوليس انتظاميا مٿان سخت تنقيد ٿي رهي آهي، جڏهن محافظ به محفوظ ناهن ته عوام ڪيئن محفوظ رهي سگهي ٿي, پوليس ڏوهارين آڏو بيوس بڻيل آهي, ڇهن مهينن کان ڪوڙي آپريشن جي دلاسن تي ڪروڙين رپيا بجيٽ چٽ ڪئي وئي پر ڪچي جو علائقو ڏوهارين کان پاڪ ڪون ٿي سگهيو آهي.