بڊاڻي(ن پ ا) بڊاڻي لڳ  ڳوٺ گل بهار گولاٽو جي رهواسي نوجوان گلشير  پٽ ميان داد گولاٽو کي  پراڻي خوني تڪرار تان گولاٽا برادري جي هٿيار بندن ڳڙهي واري علائقي ۾ گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  هٿيار بند فرار ٿي ويا، زخمي نوجوان کي وارثن کڻائي  ٿاڻي تي آندو جتان ضروري ڪاغذي ڪارروائي بعد ليٽر ڏئي نوجوان گليشر گولاٽو کي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو،  نوجوان جي حالت نازڪ هجڻ ڪري لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.