بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران مبينا طور غلط انجيڪشن لڳائڻ سبب 9 ورهين جو اسلام ڀٽو فوت ٿي ويو. وارث اڪبر ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگر کي بخار هجڻ ڪري عطائي ڊاڪٽر صبغت الله ڏنگر وٽ کڻائي وياسين، ڊاڪٽر کي منع ڪرڻ باوجود نينگر کي انجيڪشن لڳايو، نينگر جي طبيعت خراب ٿيڻ بعد ڊاڪٽر ٻاهر کڻائي وڃڻ جو چيو، نينگر رستي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر ڪلينڪ بند ڪري فرار ٿي ويو.پوليس عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن ته عطائي ڊاڪٽر پاران فوتي نينگر جي وارثن ڏانهن ميڙ منٿ قافلو به موڪليو ويو آهي.