بڊاڻي(ن پ ا) بڊاڻي ويجھو ڳوٺ محمد نواز بڊاڻي ۾ ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل 25 ورهين جو  عبدالوحيد پٽ عزيزالله بڊاڻي طبعيت خراب ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان کي 15 ڏينهن اڳ ڇتي ڪتي ڳچي وٽ ڏاڙهي زخمي ڪيو هو، نوجوان کي سرڪاري اسپتال کڻائي وياسين، جتي ويڪسين نه هجڻ ۽ طبيعت خراب هئڻ ڪري نوجوان کي سکر کڻائي وياسين، جتي نوجوان کي ويڪسين ڪرائي، ان باوجود نوجوان جي طبعيت ۾ بهتري نه اچي سگهي.