بڊاڻي(رپورٽ: احمد چاچڙ) مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي گنڊير پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪري ڏنو، پڊعيدن واسي آر آر ايف پوليس اهلڪار غلام مصطفي راڄپر، مورو واسي صدام حسين سيال، خيرپور واسي راجا راڄپر زخمي ٿي پيا. ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي پوليس اٽالن سان واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن کي ڪشمور جي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو، جتان طبي امداد ڏيٻ بعد ٽنهي اهلڪارن کي سکر جي خانگي اسپتال ريفر ڪيو ويو، جتي پڊعيدن جي ڳوٺ رائنڪو راڄپر واسي پوليس اهلڪار غلام مصطفي راڄپر زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ٻه زخمي اهلڪار علاج هيٺ آهن. ڪشمور پوليس ترجمان رابطو ڪرڻ تي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته رات دير سان شر گينگ ۽ ڪوش گينگ جي 20 کان وڌيڪ ڏوهارين پوليس پڪٽ تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني.  هن ٻڌايو ته پوليس پڪٽ تي موجود پنج پوليس اهلڪارن بهادري جو مظاهرو ڪندي جوابي فائرنگ ڪئي ڏوهارين جي فائرنگ ۾ ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا بعد ۾ هڪ اهلڪار علاج دوران شهيد ٿي ويو,هن وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڏوهاري زخمي ٿي پيا آهن جن کي ساٿي ڏوهاري پاڻ سان گڏ کڻي ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن.

رانوتي ۾ 2 جوابدار مارجڻ جو بڊاڻي ۾ پلاند ڪرڻ جا اطلاع

بڊاڻي: ذريعن دعوي ڪئي آهي ته گهوٽڪي جي رانوتي ٿاڻي جي حد ۾ ٻه ڏينهن اڳ شر گينگ جي ڏوهارين مٿان مبينا حملو ڪيو ويوهو، ٻه ڏوهاري محب شر ۽ توڏو شر مارجي ويا هيا، پوليس هڪ ڏوهاري جو لاش پاڻ سان گڏ کڻائي وئي هُئي، جنهن جي واپسي لاء پوليس پڪٽ تي حملو ڪيو ويو هو. پوليس ذريعن دعوي ڪئي آهي ته ڏوهاري ٽولي جي حملي دوران پوليس جي جوابي حملي ۾ ڏوهاري پنهنجن هٿيارن جا ميگزين ۽ گوليون واقعي واري هنڌ ڇڏي فرار ٿي ويا آهن جيڪي بڊاڻي پوليس پاڻ سان گڏ کڻي وئي

 

ايس ايس پي ايس ايچ او مياڻي ۽ وڏي منشي کي معطل ڪري ڇڏيو

بڊاڻي: ايس ايس پي ڪشمور پوليس پڪٽ تي حملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او بڊاڻي اميد علي جاگيراڻي ۽ وڏي منشي نياز احمد لغاري کي معطل ڪري ڇڏيو.

سکر آر آر ايف هيڊڪواٽر ۾ شهيد اهلڪار جي جنازي نماز ادا

بڊاڻي: شهيد اهلڪار جي نماز جنازا سکر جي آر پي او آر آر ايف هيڊڪواٽر ۾ سرڪاري اعزاز سان سنڌ پوليس جي خصوصي دستي پاران سلامي پيش ڪري اداع ڪئي وئي,جڏهن ته نماز جنازا ۾ ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي ڪشمور، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي خيرپور، ايس ايس پي آر آر ايف، رينجرز  آفيسرن سول سوسائٽي,صحافين ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

غلام مصطفيٰ راڄپر 2010ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، مڙهه مٽي ماءُ حوالي

بڊاڻي: پڊعيدن واسي شهيد اهلڪار غلام مصطفيٰ ولد محمد حيات راڄپر  2010 ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو جيڪو ڪراچي ۾ ڊيوٽي تي مقرر ٿيل هو جنهن کي هڪ مهينو اڳ ڪراچي کان ڪشمور بدلي ڪري گنڊير پوليس پڪٽ تي مقرر ڪيو ويو هو,شهيد اهلڪار کي چار نياڻيون  هڪ پُٽ جي اولاد اٿس. بخشاپور ۾ ڌاڙيلن جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار جو مڙھ پڊعيدن لڳ ڳوٺ رائنڪون آندو ويو، جتي شھيد اهلڪار غلام مصطفي راڄپر جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي نوشھروفيروز صدام حسين خاصخيلي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.