بڊاڻي (ن پ ا) هٿياربند ڳوٺ علي بلاول ڊومڪي گنڍير پوليس پڪٽ ويجهو  بڊاڻي  شهر جي استاد علي اڪبر ڀٽو محلا واسي پورهيت 50 ورهين جي شدن پُٽ ولي محمد ڀٽو کي مبينا طور اغوا ڪري ويا. مغوي پيرسن پورهيت جي ڀائٽي شعبان ڀٽو اغوا جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته چاچو شدن ڀٽو رڪشا ريڙهي تي چوپايو مال کڻن لاءِ وڃي رهيو هو ته رستي مان  هٿياربندن کيس تشدد ڪرڻ بعد اغوا ڪري فرار ٿي ويا آهن، هوڏانهن مياڻي پوليس ٻڌايو اغوا بابت اطلاع مليا آهن وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.