ميرپور بٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺورو ۾ ڳوٺاڻن بااثر زميندار خلاف ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ڳوٺ گل محمد سولنگي جي رھواسين بااثر زميندار خلاف اڇي موري اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ وٽ سجاول حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳواڻن صالح محمد سولنگي، پنهل سولنگي، عبدالغني سولنگي، ممتاز سولنگي، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پنجاهه سالن کان بااثر زميندار صمد ميمڻ جو هارپو ڪيون پيا، زميندار هنن کي زمين تان بي دخل ڪرڻ لاءِ هنن کي مختلف طريقن سان ايذائي رهيو آهي. ڳوٺ جي اسڪول ۾ هنن جا ٻچڙا پڙهندا هئا اهو اسڪول به بااثر بند ڪرائي ڇڏيو آهي، هنن الزام هنيو ته ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بااثر زميندار ڳوٺ ۾ هٿياربند آڻي اسان کي حراسان ڪري رهيو آهي هنن کان زمين جو هارپو کسي غير مقامي ڏوهاري قسم جي ماڻهن کي ڳوٺ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي، گذريل ڏينهن بااثر زميندار صمد ميمڻ هٿيار بندن سان گڏجي ڳوٺ تي گهيرو ڪري ڇڏيو آهي،
هي ڳوٺ ۾ خونريزي ڪرائڻ چاهي ٿو، هي زمين اسين ابن ڏاڏن کان آباد ڪندا پيا اچون هن زمين تي اسان جي به وڏي سيڙپ ٿيل آهي، ڪيتري ئي وقت کان هنن کي ڪروڙين روپين جي فصلن جو حساب ڪتاب به ناهي مليو، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.