ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ پوليس تي نوجوان کي لاڪ اپ ڪري 4 ڏينهن تائين تشدد جو الزام لڳي ويو اهي. ڳوٺ حمزو ملاح جي رهواسين الهڏنو ملاح، احمد ملاح، حبيب ملاح ۽ ٻين هتي ميرپوربٺورو ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو آهي ته ميرپوربٺورو پوليس چار ڏينهن اڳ سندن نوجوان ذاڪر پٽ الهڏنو ملاح کي بيگناھ کنڀي گم ڪري ڇڏيو ۽ کيس مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، جنهن سبب نوجوان هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻيل آهي، هنن چيو ته سندن نوجوان تي ڪوبه ڪيس داخل نه هو پوءِ به کيس پوليس چئن ڏينھن تائين غير قانوني طور حراست ۾ رکڻ کان پوءِ ڳري رشوت وٺڻ عيوض آزاد ڪيو آهي، هنن چيو ته ميرپوربٺورو ۾ ڏوهي وارداتون وڌي ويون آهن پر پوليس بجائي ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي پورهيت ڳوٺاڻن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي، متاثر نوجوان ذاڪر ملاح صحافين کي پوليس پاران ڪيل تشدد جا نشان ڏيکاريندي ٻڌايو ته کيس بيگناھ گرفتار ڪرڻ بعد پوليس مختلف هنڌن تي رکيو ۽ مٿس ڏينھن رات جانورن وانگر تشدد ڪيو ويو جنهن سبب سندن منهن، پٺن، ٻانهن تي اڃا تائين تشدد جا نشان موجود آهن، هن مطالبو ڪيو ته مٿس بيگناھ غير انساني سوز تشدد ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي. هوڏانهنٿاڻي جي وڏي منشي نجم پرهياڙ ٻڌايو ته نوجوان کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا بعد ڇڏيو آهي مٿس تشدد ناهي ڪيو.