ميرپوربٺورو(ن پ ا) کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن عرس ڪيھر ۽ زبير شاھه سميت قومپرست ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ ڪوڙا ڪيس داخل خلاف علي بندر کان جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي، جسقم جي بابو عثمان ميمڻ، عارب ڪيھر، جسقم بشير خان جي فاضل خاصخيلي، وقار ميراڻي، زوھيب شاھه، الطاف چانگ جي اڳواڻي ۾ شاھي بازار کان سائين جي ايم سيد چوڪ تائين کنڀي گم ڪيل ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪئنال رٿا خلاف احتجاج ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه ڪندا رهنداسين.