سجاول/ميرپوربٺورو(رپورٽر+ ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت شاخ ميرپوربٺورو طرفان سنڌي ٻولي، قومي ٻولي، سنڌو بچايو، سنڌ بچايو، جي عنوان ھيٺ صوفي شاھه عنايت شھيد پريس ڪلب تي فڪري ويھڪ ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن شاعرن، اديبن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب جي شروعات لطيف سائين جي بيت سان ڪئي وئي، تقريب کي قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زنئور، شاخ بٺوري جي سيڪريٽري نور محمد کيبر، غلام نبي زنئور، عوامي تحريڪ جي ايوب ٻائيتار، شھري اتحاد جي ڏاڏا اسماعيل شورو، جسقم جي ڪريم شورو ۽ ايس ٽي پي جي عبدالغني ملاح خطاب ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي اسان جي مادري زبان آھي، انھي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، سنڌو درياھه تي ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول نه ڪنداسين، سنڌو درياھه سنڌ جي مليڪت آھي، سنڌ زراعت سان تعلق رکي ٿي، سڄي سنڌ ڪئنالن کي رد ڪري چڪي آھي، ھاڻ وفاق وٽ ڪو به جواز ناھي ته ھو سنڌو مان ڪئنال ڪڍي، ڪئنالن جو رينگٽ بند ڪيو وڃي، سنڌ جي سامونڊي پٽي اڳ ۾ تباھي جي ور چڙهيل آھي، سمنڊ روزاني چاڙھه ڪري زمنيون ڳڙڪائي پيو، جر کارا ٿي ويا آھن، مٺو پاڻي اڻلڀ ٿيندو وڃي پيو، جر کارا ٿي وڃڻ ڪري ماڻھو لڏپلاڻ تي مجبور بڻيل آھن، انھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پرائيوٽ اسڪولن ۾ به سنڌي ٻولي نٿي پڙھائي وڃي، مادري ٻولي کي اسڪولن اندر پڙھايو وڃي، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي، فڪري ويھڪ کي قادر بخش زنئور، صحافي قاسم رنگريز، سجاد ميراڻي، عبدالنبي سوھو، سارنگ لوھاڻو، ذوالفقار ميمڻ، صحافي بابو خيرپوري، علي ڪنڀار، منور زنئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.