ميرپوربٺورو (ن پ ا) ميرپور بٺوري ۾ سارين جي اگھه ۾ لاٿ ۽ ڪٽوتي خلاف عوامي سماجي سٿ، آبادگار ايڪشن ڪميٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران اڇي موري کان احتجاجي ريلي ڪڍي مين بس اسٽاپ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ عوامي سماجي سٿ جي پنھل سولنگي، وحيد حيدر زئور، عوامي تحريڪ جي عزيز ميمڻ، قومي پارٽي جي قادربخش زئور، جسم جي نعمان شورو، عرس ڪيھر، قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار، ايس ٽي پي جي عبدالغني ملاح، مددگار گروپ جي طابع علي قمبراڻي، جسقم آريسر جي غفور چانگ، سياسي سماجي ڪارڪن رشيد آزاد سومرو، شفيع محمد زئور، امين لنڊ، جبار زئور ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن ۽ آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي معيشت کي تباھي جي ور چاڙهڻ لاءِ سارين جي اگھه ۾ لاٿ ڪئي وئي آھي جيڪا ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪبي ۽ ڪارخانيدارن پاران مختلف جواز ڄاڻائي ناجائز ۽ غيرقانوني ڪٽوتي وارو عمل پڻ جاري آھي، اڳواڻن چيو ته آبادگار سارين جي پوکائي وقت پاڻي جي لاءِ سخت پريشان ھوندا آھن ۽ زرعي دوائن سميت ٻج ڀاڻ وڏي اگھ ۾ خريد ڪندا آھن ۽ جڏھن سارين جو فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ٿو ته سارين جو اگھه ڪيرايو وڃي ٿو، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سارين جو في مڻ 4000 رپيا مقرر ڪيو وڃي ۽ غيرقانوني ڪٽوتي وارو عمل پڻ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.