ميرپوربٺورو(ن پ ا) جيئي سنڌ قومي پارٽي طرفان پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ھالار رتڙ جي گرفتاري ۽ وقار ميراڻي، استاد اڳواڻ بشير ميراڻي، قانون جي شاگرد عاقب ميراڻي، خادم ميراڻي، شھزاد ميراڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف صوفي شاھ عنايت شھيد پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ڪامريڊ يوسف ڪنڀار، قادربخش زئور، وقار ميراڻي علي رضا خاصخيلي، اياز ميراڻي، ناٿو زئور، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ نعمان شورو ۽ ٻين چيو ته پوليس بناجواز جي ھالار رتڙ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ سجاول ۾ حڪومتي ماڻھن جي چرچ تي قومي پارٽي جي ضلعي صدر وقار ميراڻي ۽ پ ٽ الف اڳواڻ بشير ميراڻي، قانون جي شاگرد عاقب ميراڻي ۽ خادم ميراڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ڪوڙا ڪيس قومي جدوجھد تان نٿا ھٿ کڻائي سگھن، سنڌ جي ڳالھ ڪرڻ تي ھالار رتڙ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ سجاول ٿاڻي تي پڻ سجاول اڳواڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھوڏانھن ٻئي طرف ڪيس ۾ نامزد قومي پارٽي جي ضلعي صدر وقار ميراڻي پ ٽ الف اڳواڻ بشير ميراڻي خادم ميراڻي شاگرد عاقب ميراڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ھي جسمم سان تعلق رکن ٿا پر ھنن واضح ڪيو ته اسان جو جسمم سان ڪو به تعلق ناھي. وقار ميراڻي قومي پارٽي سان تعلق رکي ٿو بشير ميراڻي پ ٽ الف اڳواڻ استاد آھي، خادم ميراڻي ۽ عاقب ميراڻي، شھزاد ميراڻي شاگرد آھن ايف آءِ آر ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آھي.