باڊهه (رپورٽ: عبدالوحيد ڳاهو) باڊھه ۽ ڀرپاسي سرن جي بٺن تي مزدوري ڪندڙ پورهيتن اجرت وڌائڻ لاءِ ممتاز پنهور، رجب جت، خان ڏهوٽ، ايس ٽي پي اڳواڻ اصغر نوناري، شمس پنهور، قاسم چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته مهانگائي وڌي وئي آهي بٺا مالڪن به سرون مهانگيون ڪيون آهن انڪري اسان کي به مزدوري 11سئو روين مان وڌائي 15 سئو رپيا ڏني وڃي، هنن چيو ته بٺا مالڪ سندن مطالبو مڃڻ لاءِ تيار آھن جنهن ڪري اسين ڪم ڇڏ هڙتال جو اعلان ڪن ٿا.
پورهيتن کي 37 هزار پگهار نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ليبر آفيسر نگينا
باڊهه: لاڙڪاڻي جي ليبر آفيسر نگينا ميمڻ باڊھه پهچي بٺا مالڪن ۽ مزدور يونين اڳواڻن جون ڳالهيون ٻڌيون، ان موقعي تي ليبر آفيسر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت نوٽيس ڪڍيو آهي ته 8 ڪلاڪ مزدوري جي عيوض پورهيت کي ماهوار37 هزار رپيا پگهار ڏني وڃي، ان حوالي سان 1423 رپيا مزدور جي ڏهاڙي ٿئي ٿي، جيڪا کين ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪو به بٺا مالڪ مزدور کي طئي ڪيل اجرت نه ڏيندو ان خلاف ليبر ڪورٽ ۾ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
12 سئو ڏهاڙي لاءِ تيار آهيون، مزدور هروڀرو پريشان پيا ڪن: بٺا مالڪ
باڊهه: بٺا مالڪ نصرالله ملاڻو ۽ برڪت مسڻ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته باڊهه شهر کان علاوه ڏوڪري، نصيرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ 1 هزار سر تي 1هزار رپيا مزدوري ڏني وڃي ٿي پر اسان باڊهه ۾ 1100 رپيا مزدوري ڏيندا آهيون پوءِ به مزدورن جي تڪليفن کي سمجهندي کين 1200 رويا مزدوري ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر مزدور يونين وارا هروڀرو پريشان ڪري رهيا آهن.