بُک چَرياپيدا ڪندي آهي

0
38
ڇا-سنڌ-پوليس-پنهنجو-مورال-وڃائي-چڪي-آهي

مَنٽو چيو آهي ته بُک سڀني بُراين ۽ بيمارين جي ماءُ آهي، بُک چَريا پيدا ڪندي آهي،  ان طرح وري بُک تي هر ٻوليءَ ۾ پهاڪا،  چوڻيون ۽ اصطلاح ٺهيل ملن ٿا، جيئن سنڌيءَ ۾ ڪجھھ محاوره آهن ته“جيسين ڍائوکڻي ساھھ، تيسين بُکئي جو وڃي ساھھ”، “بُک جا چَڪ هڻڻ” “بُک ۾ بصر به ڀلو”، “بُک بڇڙو ٽول  دانا به ديوانا ڪري” يا “ڍوءَ بنا ڍوليا ناهي ساڃھھ سُونهن جي”، وغيره وغيره.. بُک هڪ اهڙو احساس آهي جيڪو هر ساهواري، چرند، پرند ۽ خونخوار درندن کان انساني خوراڪ بڻجندڙ نفيس جانورن تائين سڀني کي محسوس ٿيندو آهي. زمين جي اندر موجود نانگن بلائن کان وٺي پهاڙن جي چوٽين تي رهندڙ مخلوق کي کاڌي جي ضرورت پوندي آهي. اهڙي طرح هر ساهوارو صبح ٿيندي ئي پنهنجي کاڌ خوراڪ جي تلاش ۾ نڪري پوندو آهي. انهن سڀني ساهوارن مان انسان اها واحد مخلوق آهي جنهن جي بُک ڪڏهن ختم ئي نه ٿي ٿئي. ٻين ساهوارن جي خوراڪ ته مخصوص قسم جي Simple (سادي) هوندي آهي، مگر انسان جي خوراڪ کي “سَت رڇي” طعام کان وٺي ٻين ڪيترن ئي پُرڪشش نالن سان سڏيو ويندو آهي. مُهذب انسان ته سادو کاڌو کائي به خدا جو شڪر ادا ڪري سڪون سان سمهندو آهي مگر سَت رڇي طعام کائيندڙن کي اهڙو سڪون قبر تائين حاصل ناهي هوندو. ڇو ته مسڪيني هڪ طرف کڻي ڪيترن ئي مِهڻن ۽ عيبن واري ڇونه هجي مگر مسڪين ڪڏهن ٻئي جو حق ناهي کائيندو. ٻئي جي وات جي گِرھھ تي بُري نظر ناهي رکندو، ٻئي جي روزي تي لَت ناهي رکندو. اهڙي طرح قناعت ڪندڙ مسڪين ته بصر ۽ پڪوڙا کائي به رب جو شڪر ادا ڪندو آهي مگر لوڀي، لالچي، پيٽي، بي ايمان، ٺڳ ۽ راشيءَ جو پيٽ ته ڀرجي به ناهي ڀرجندو.، اُن جو پيٽ ناهي هوندوبلڪه  ڪنهن سمنڊ جو ڪُن يا ٻيٽ هوندو آهي، جنهن ۾ حلال ۽ حرام ٽَنن جي حساب ۾ سمائجي سگهندا آهن. اُهو انسان جيڪو ماضي ۾ وڻن جا پن کائي به زنده ۽ مطمئن رهندو هو يا ويجهي ماضيءَ ۾ پهريان پاڙي واري کان پُڇي (ته هُو اُڃو ۽ بکيو ته ناهي) مطلب ته پهريان اُن کي کارائي پوءِ پاڻ کائيندو هو. مگر اڄوڪي انسان جي ته بُک ئي بدلجي وئي آهي. جنهن ڪري اُن جي کائڻ جي فطرت ۾ به جدت اچي وئي آهي. اڄوڪو لوڀي انسان هاڻي کائڻ جي شروعات ئي پاڙي يا پنهنجي ڏُتڙيل مائٽن کان ڪري ٿو. ڪروڙين حقدارن جو حق کائي به ڍوءَ نه ٿو ٿئي.(نه نِيت ٿي ڀرجيس نه پيٽ ٿو ڀرجيس). جيئن جيئن دنيا وحشت کان تهذيب جي طرف گامزن ٿي آهي تيئن کائڻ جا طريقا به بدلجي ويا آهن..هينئر  اسانجي نام نهاد اڳواڻن، ليڊرن ۽ سربراهن جا به (هاٿي وانگي)  کائڻ جا هڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا ڏند آهن. موجوده صورتحال جي تناظر ۾ مختلف وقتن تي سِکڻ جا سوين سبق ملڻ جي باوجود نه سکڻ جو هنر ڪو اسان کان سکي. اسان هميشھ ڦُورو کي پنهنجو اڳواڻ، لُٽيري کي پنهنجو ليڊر، فتني کي پنهنجو مُرشد ۽ راهزن کي پنهنجو رهبر بڻائيندا ايندا آهيون. عجيب نفسيات آهي اسانجي، (اسان جي ليکي) پوليس محڪمي ۾ سپاهي  کان مٿي ڪو آفيسر ناهي، تپيدار کان مٿي ڪو ڪامورو ناهي، ڪلارڪ کان مٿي ڪاپوسٽ ناهي ۽ تر جي ڀوتار کان مٿي ڪو هلندي پُڄندي وارو ڪونهي! ڀلا جيتري اسانجي ڄاڻ هوندي اسانجي شعور جون به اوستائين ئي ڇوليون هونديون. سچ ته اهو آهي جو هي قوم اڃان پنهنجي تحت الشعور جوخول ئي هٽائي ناهي سگهي.(جنهن ۾ هُو بند آهي) سو جيستائين تحت الشعور مان شعور نالي وکر اسان جي ميڄالي ۾ منتقل ٿئي تيستائين اسانجي سمجھھ کُوھ جي ڏيڏر واري ڪار هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين پئي گهمندي رهندي ۽ سمجهندي ته پوري دنيا جو چڪر هڻي آئي آهيان!!

هن قوم جي نفسيات “ضعيف الاعتبار” واري نفسيات آهي جيڪا جلدي ۾ شاطر ماڻهن تي اعتبار ڪري پنهنجو سڀ ڪجھھ جُوا جي بازي وانگي هارائي ويندي آهي. سنڌي قوم جي سمجھھ جي سطح کي ان حد تي آڻي بيهاريو ويو آهي جو سنڌي قوم لاءِ اُهو وڏيرو، پير، مير ۽ ڀوتار رول ماڊل هوندو آهي جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ ويگو گاڏي هجي، ٽاٽ تي ٽوپي يا ڪيپ پاتل هجي، ڪاٽن جو اڇو وڳو ۽ ڪارو چشمو پاتل هجي، ڪَرائي تي راڊو گهڙي ٻڌل هجي، ساڻس هر وقت باڊي گارڊن جي صورت ۾ ٽي چار واٺا گڏ هجن پوءِ ته قوم ان جي گاڏيءَ جي ڪڍ ايئن ڀڄندي جيئن ڪانوَ گند تي ڀڄي!!سوچ جي اهڙي پسماندگي  فرد جي تخليق، تنقيد، پرکڻ جي حِس، خودداري ۽ شخصي آزادي توڙي ڪردار جي تنزلي جي نشاني آهي. اهڙي عمل سان هڪ فرد توڙي قوم معاشي، معاشرتي ۽ ڪفالت جي حوالي سان ديوار سان لڳي ويندي آهي.

هن وقت برسات ۽ ٻوڏمتاثرن جي حالت اها آهي جو هُو بُکن ۾ پاھھ ٿي سندن لاءِ آيل  امداد/راشن تي ڪَڙڪي پون ٿا. ( اُن کي سهڻي طريقي سان ورهاست ڪرڻ به نه ٿي ڏني وڃي..) بس جنهن کي جيڪو ڪجھھ هٿ لڳي ٿو سو ڌاڙيو هڻي کنيو ٿو وڃي.. ڇو ته انهن جو هر ڏينهن ۽ رات ان غيريقيني واري حالت ۾ گذرندي آهي ته هُو ايندڙ سج ڏسي به سگهندا يا نه. هُو پنهنجي ڪيمپن(يا جتي جتي هُو آباد آهن) اهڙا منظر پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهن، سمورن متاثرن جي ڪيمپن مان روز لاش نڪرن ٿا،ڪو بُک وگهي مري پيو ته ڪو بيماري سان جهيڙيندي بنا دوائن جي زندگيءَ جي جنگ هارائي پيو، ڪو اهڙي ماحول مان ئي تنگ ٿي خودڪشي کي ترجيح ڏئي ٿو.

افسوس جو متاثرن جي جيئڻ جا سڀ رستا سڀني “چانڊوڪيءَ جي چورن” گڏجي بند ڪري رکيا آهن.. تاريخ ۾ ايئن نه ڏٺو ۽ نه ٻڌو آهي جو اٽو في ڪلو سوءَ کي وڃي پهتو هجي، بصر ٽي سوءَ رپياڪلو ٿي ويا هجن، کنڊ، پتي، تيل، گِيھھ، لوڻ مرچن سميت  ضرورت جي هر شيءَ مُنافعي خورن جي گودامن ۾ بند ٿي وئي هجي.

سنڌ ۾ هن وقت صورتحال اها آهي جو هاڻ هِتي موت ۽ عزت سستا ٿي ويا آهن  ۽ زندگي مهانگي ٿي وئي آهي. اهڙي حالت ۾ هر قسم جا شاطر پنهنجو پنهنجو ڌڪ ڪرڻ يا داءُ کيڏڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي ٻرن مان نڪري آيا آهن. هي بي ضمير راشن وٺي ڏيڻ جي بهاني نياڻين جي عزتن ۾ هٿ وجهن ٿا، مجبور ماڻهن کي برياني جي ٿيلهي ڏيکاري تڙپائن ٿا يا کانئُن پنهنجا ناجائزڪم ڪرائن ٿا، انهن جي اَبترحالت تي وڏا وڏا  ٽهڪ ڏيئي کلن ٿا، سندن بيوسيءَ کي تماشو بڻائن ٿا. ردِعمل ۾ متاثرماڻهو وائڙا ٿي پنهنجا حَواس وڃائي ويهن ٿا.

مُفلسي حِس لطافت ڪي مِٽا ديتي هي،

ڀوڪ آداب ڪي سانچون مين ڍل نهين سڪتي.