چٽو گرام (اسپورٽس نيوز) بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ فارچون بريشل جي ٽيم چٽاگانگ ڪنگس کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، پهرين کيڏندي چٽاگانگ ڪنگز مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 121 رنسون ٺاهيون، چٽاگانگ ڪنگز طرفان محمد مٿن 35، خالد احمد 27 ناٽ آئوٽ ۽ عثمان خان 19 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، فارچون بريشل طرفان رپون مونڊول ۽ فهيم اشرف 3، 3، جڏهن ته تنوير اسلام 2 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ فارچون بريشل گهربل هدف 17هين اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، بريشل طرفان ڊيوڊ ملان 56 ناٽ آئوٽ، محمد نبي 26 ناٽ آئوٽ ۽ محمود الله 16 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، بهترين ڪارڪردگي تي ڊيوڊ بلان کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.