ممبئي (اسپورٽس نيوز) بورڊ آف ڪنٽرول فار ڪرڪيٽ ان انڊيا (بي سي سي آءِ) پنهنجي ٽيم کي مسلسل شڪستن کان بچائڻ جو طريقو ڳولي ورتو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، نيوزيلينڊ هٿان هوم ٽيسٽ سيريز ۾ تاريخي وائيٽ واش ۽ آسٽريليا خلاف سيريز ۾ 1-3 تان شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن لاءِ نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ اختيارين، ڪپتان روهت شرما، هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير ۽ چيف سليڪٽر اجيت آگرڪر جي وچ ۾ٽيم جي صورتحال ۽ مستقبل جي حڪمت عملي بابت ٿيل اجلاس دوران اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته رانديگرن جي گهروارين کي پرڏيهي دورن تي ڪرڪيٽرن سان گڏ مڪمل طور تي رهڻ جي اجازت نه هوندي. رپورٽن موجب، 45 ڏينهن کان وڌيڪ تائين جاري ٽورنامينٽ يا سيريز لاءِ زال کي رانديگر سان رڳو 14 ڏينهن رهڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته مختصر دورن لاءِ رهائش جي حد گهٽائي 7 ڏينهن ڪئي ويندي. آسٽريليا خلاف تازو ختم ٿيل سيريز ۾ ويرات ڪوهلي، ڪي ايل راهول ۽ سندس گهرواريون گڏ نظر آيون، بورڊ کي لڳي ٿو ته پوري دوري دوران خاندان جي موجودگي سبب رانديگرن جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته سڀني ڀارتي رانديگرن کي ٽيم بس ۾ سفر ڪرڻو پوندو، گذريل ڪجهه سالن دوران ڪيترن ئي رانديگرن اڪيلي سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا رهيا آهن، پر هاڻي ائين نه ٿيندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ٽيم جي اتحاد کي نظر ۾ رکندي، هاڻي سڀني رانديگرن کي ٽيم بس ذريعي ئي سفر ڪرڻو پوندو، ڪو به رانديگر ڪيترو به وڏو ڇو نه هجي، ان کي الڳ سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي.