نئين دهلي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ حڪمران جماعت ڀارتي جنتا پارٽي (بي جي پي) جي اسيمبلي ميمبر تيجسوي سريا مقامي گلوڪار شيواسري سڪندپرساد سان شادي ڪري ڇڏي. ڀارتي ميڊيا موجب شادي جي تقريب بينگلورو شهر ۾ ٿي، جنهن ۾ پارٽي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. رپورٽن موجب ڪنوار مقامي ٻولي ڪرناٽڪ جي گلوڪارا آهي، جيڪا سوشل ميڊيا تي به گهڻي مشهور آهي، ان جا انسٽاگرام تي هڪ لک 31 هزار کان وڌيڪ ۽ يوٽيوب تي ٻه لک فالوئرز آهن. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل سال جنوري ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به گلوڪارا جي تعريف ڪئي هئي.