نئون ديرو(ن پ ا) شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 17 هين ورسي جي موقعي تي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ اڳوڻي ايم اين اي ناهيد خان ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گل جون چادرون چاڙهي دعا گهري، ميڊيا سان ڳالهائيندي ناهيد خان جو چوڻ هو ته شهيد بيبي عوام لاءِ شهادت قبولي، محترمه جي شهادت بعد پيپلز پارٽي کي 5 سال اقتدار مليو. وزير اعظم، صدر ۽ سڀ ايجنسيون گڏ هيون پوءِ به شهيد بيبي جا قاتل پڪڙجي نه سگهيا، بيبي شهادت جي صاف شفاف طريقي سان جاچ ڇو نه ڪرائي وئي جيڪو هڪ سوال آهي؟ سندس چوڻ هو ته شهيد بيبي جي شهادت کان پوءِ پاڪستان جي اندر ليڊر شپ جي کوٽ آهي. مان سمجهان ٿي ته بيبي جي وڃڻ جو نقصان پيپلز پارٽي جو به نقصان ٿيو آهي. جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته  شهيد بيبي جي جاچ ۾ پيپلز پارٽي جون ڪوتاهيون آهن، پيپلز پارٽي جو 5 سال وارو اقتدار داغ دار آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن محترمه جي وڃڻ بعد سٺا فيصلا ٿين ها ته شايد پيپلز پارٽي اڄ سٺي پوزيشن ۾ هجي ها.