ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان عوامي پارٽي (باپ) ايندڙ چونڊن ۾ ن ليگ سان گڏ هلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. بلوچستان عوامي پارٽي جي ترجمان ڪهده بابر پنهنجي بيان ۾ چيو ته ن ليگ جا اتحادي هئاسين، مستقبل ۾ به گڏجي هلنداسين. هن چيو ته نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي آجيان ڪريون ٿا، سندس واپسي ملڪ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ سياسي ۽ معاشي استحڪام ڏانهن وڌندو.