سبي/مستونگ(رپورٽ: خرم شهزاد+م ڊ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ بي اين پي جو ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري رهيو، مهلت ختم ٿي وئي، جنهن کانپوءِ پارٽي سربراهه هر صورت ۾ 6 اپريل آچر تي ڪوئيٽا ۾ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو ويو، بي اين پي جي سربراهه سردار اختر مينگل جو چوڻ آهي ته 3 مطالبا ڏنا هئا پر اهي ناهن مڃيا ويا، سمورن اسيرن کي آزاد ڪيو وڃي، يا اسان کي ڪوئيٽا وڃڻ جي اجازت ڏيو اتي اسين پرامن ڌرڻو هڻنداسين يا اسان کي گرفتار ڪريو، اسان جا ٻيا ڪي به مطالبا ناهن، نه ئي ڪو آپشن آهي، وچئين رستي يا ٺاهه جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، بي اين پي سربراهه وڌيڪ چيو آهي ته هاڻي ڪوئيٽا ۾ جتي اسين چاهينداسين ته اتي ڌرڻو هنيو ويندو. اسان ڪنهن جا پابند ناهيون نه ڪنهن جا غير آئيني قدم برداشت ڪيا ويندا، عورتن جي آزادي تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. 6 اپريل تي دمادم مست قلندر ٿيندو. بلوچن کي دهشتگرد چوندڙن کي ماءَ جي پيارن کي گم ۽ ظلم ڪرڻ تي رحم ڇو نه آيو؟ سڀني کي خبر آهي ته گم  ۽ اغوا ڪندڙ ڪير آهن؟ اختر مينگل وڌيڪ چيو ته رڻ پٽ ۾ اسان جون ڪير ڳالهيون نٿو ٻڌي ڪوئيٽا جي ميدان ۾ دمادم مست قلندو ٿيندو. هوڏانهن ڪوئيٽا ۽ مستونگ سان صوبي جي مختلف علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ ۽ انٽرنيٽ جي بندش سان عوام مشڪلاتن جو شڪار آهي، ٻئي طرف گذريل 7 ڏينهن کان شاهراهه بند ٿيڻ سبب ڪوئيٽا – ڪراچي قومي شاهراهه سميت ڪوئيٽا جو صوبي جي ٻين 12 ضلعن سان زميني رابطو ڪٽيل آهي. ٻئي طرف بي اين پي جي لانگ مارچ کي ڪوئيٽا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ صوبائي انتظاميا سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي، لڪپاس ٽنل، ڪنڊ مسوري، اغبرگ ۽ ٻين اهم رستن تي شپنگ ڪنٽينرز ۽ رڪاوٽون بيهاريون ويون. ٻئي طرف جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ گهرام بگٽي کي ڪوئيٽا مان گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته اسان ملڪ دشمن ناهيون جو ادارن خلاف ڳالهايون