اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ڌمڪي آميز پرڏيهي خط ۽ وزير اعظم خلاف بي اعتمادي جي رٿ تي ووٽنگ روڪرائڻ لاءِ سيد طارق بدر نالي شهري آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڌمڪي وارو خط انتهائي حساس معاملو آهي جڏهن ته عدالت حڪومت کي هدايت ڪري ته اليڪشن ڪميشن کي خط بابت مواد فراهم ڪري جيڪي سياسي پارٽيون ملڪي مفاد خلاف ڪم ڪري رهيون آهن انهن خلاف جاچ جو پڻ حڪم ڏنو وڃي ۽ جيستائين ان مامري جي جاچ مڪمل ٿئي عدالت ڪو فيصلو نه ڪري تيستائين اسپيڪر کي هدايت ڪئي وڃي ته هو بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ کي روڪي، درخواست ۾ وزير اعظم، چيئرمين نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل، گهرو۽ پرڏيهي وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.