اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن روبينا خالد اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جڏهن چارج سنڀالي ته ڏٺم ته اڌ عملي ذريعي ڪم هلايو پيو وڃي. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ڀرتين جي اجازت ملي. اسان اسيمبلي ۾ گوڙ ڪري ڊي جي بيت المال لڳرايو. سيڪريٽري بي آءِ ايس پي چيو ته 600 ارب جو پروگرام ۽ 10 ملين خاندانن کي سهولت ڏيڻ لاءِ عملي جي ضرورت آهي، 2012ع کان اداري ۾ نئين ڀرتي ناهي ڪئي وئي، جمشيد دستي چيو ته حڪومت نئين ڀرتين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اهو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو؟ بي آءِ ايس پي، جي اختيارين چيو ته بي آءِ ايس رجسٽريشن جي لاءِ جيڪي ايندا آهن انهن کي ٽن سالن لاءِ رجسٽرڊ ڪري ٿي. جيڪڏهن ڪو اسان وٽ رجسٽرڊ ٿئي ٿو ته جڏهن بجيٽ هوندي آهي ته ان کي ٽن مهينن اندر رقم ملڻ شروع ٿي ويندي آهي، رجسٽريشن ختم ٿيڻ بعد ٻيهر سروي ذريعي اچڻو پوندو. غربت جي خاتمي بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس غلام علي ٽالپر جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾  ايم ڊي بيت المال جي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسپتال کي حڪم جاري ڪريون ٿا ته مريض جو علاج بند نه ڪيو وڃي، اسان کي صرف پنج سو ماڻهن جو راشن مليو، هي راشن مستحق ماڻهن ۾ ورهايو ويندو. جمشيد دستي چيو ته ڳوٺن مان اسلام آباد بيت المال آفيس ۾ ايندڙ مستحق ماڻهن سان بدتميزي، غلط رويو اختيار نه ڪيو وڃي. زڪوات جي رقم جو جواب دنيا ۽ آخرت ۾ ڏيڻو پوندو، ڪاميٽي ميمبر چيو ته ڪهڙيون اين جي اوز بيت المال سان ڪم ڪري رهيون آهن؟ ڪراچي ۾ مفت کاڌو کارائڻ وارن تي نظر رکي وڃي، ڪيترائي ڏوهي ماڻهو به فائدو کڻندا آهن، ايم ڊي بيت المال چيو ته کاڌو کائڻ لاءِ پهچندڙ مستحق ماڻهن کان سڃاڻپ ناهي ورتي ويندي، البته پناهگاهه ۾ رهڻ لاءِ اچڻ وارن جو رڪارڊ موجود آهي.