اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قربانيون ڏنيون، دنيا جي سياسي خاندان ۾ اِن جو ڪو به مثال موجود ناهي. آصف علي زرداري چيو ته جڏهن جمهوريت تي راتاهو هڻي آمريت مسلط ڪئي وئي ته مادر جمهوريت آمرن آڏو سخت مزاحمت ڪئي. هن چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوريت ۽ آئين جي بحالي لاءِ تاريخي تحريڪ جي قيادت ڪئي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته مادر جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جنهن مقصد خاطر عظيم ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون ان مقصد کي پورو ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد جاري آهي.