بيگم زينت عبدالله چنا: سنڌي ڪهاڻيءَ جي خاتونِ اول

0
43
بيگم زينت عبدالله چنا: سنڌي ڪهاڻيءَ جي خاتونِ اول

1947ع کان پوءِ جنهن ڪهاڻيڪار عورت جو نالو سنڌ ۾ سڀ کان پهرين ملي ٿو، سا بيگم زينت عبدالله چنا آهي. بيگم زينت چنا 1919ع ۾ سيوهڻ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان حاصل ڪرڻ بعد ٽريننگ ڪاليج فار وومين حيدرآباد مان فائنل پاس ڪيائين. سيوهڻ پرائمري اسڪول جي هيڊ مسٽريس طور ڏھ سال ڪم ڪنديون رهيون. 1944ع ۾ سندن شادي عبدالله چنا سان ٿي. عبدالله چنا صاحب روينيو کاتي ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پهتو. بيگم صاحبہ جو اٿڻ ويهڻ سڌريل ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقي ۾ ٿيندو هو. هوءَ پاڻ پڻ سلجھيل ۽ روشن دماغ هئي، کيس مطالعي جو شوق هو تہ لکڻ جو پڻ. 1970ع کان پاڪستان رائيٽرز گلڊ جي ميمبر رهي. سندس ادبي سرگرمين کان بہ وڌيڪ سماجي، صحافتي ۽ علمي مصروفيتون وڌيڪ هيون. هن 1950ع ۾ لاڙڪاڻي جي اپوا جماعت جي صدر جي حيثيت سان ڳوٺن ۾ اسڪول ۽ اپوا جون شاخون قائم ڪيون. پاڻ عورتن جي سجاڳيءَ ۽ نياڻين جي تعليم جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ عورت هئي. سندس چوڻ هو تہ، “اڄ جي نياڻين جي اهم گھرج آهي تہ اهي هر قسم جي فني توڙي غير فني تعليم حاصل ڪن. جتي کين تعليم حاصل ڪرڻ جون سهولتون موجود نہ آهن، اتي هو هنر پرائين. اڄڪلھ جي ترقي يافتہ دور ۾ هو پنهنجي ڀائرن ۽ مردن سان گڏ ٻانهن ٻيلي ٿي وقت جي تقاضائن کي منهن ڏين. جيستائين سنڌي قوم جي نياڻي ترقي يافتہ نہ آهي، تيستائين اسان جي قوم ترقي نہ ڪندي”.

صحافتي خدمتن ۾ 1951ع ۾ ماهوار “مارئي” رسالي کي جاري ڪرڻ سندن وڏو ڪارنامو هو. هيءُ پهريون سنڌ جو عورتن جو رسالو هو، جنهن ۾ عورتن جون ڪهاڻيون ۽ مضمون ڇپجڻ شروع ٿيا. هن رسالي ذريعي بيگم زينت ڪيترين سنڌي ليکڪائن کي اڳيان آڻي سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي قوم جي خدمت ڪئي. 1961ع ۾ مارئي مخزن مارشل لا جي عتاب جو شڪارٿي بند ٿيو، پوءِ بيگم زينت ڪجھ عرصي بعد هفتيوار “مارئي” ڪڍيو. هن رسالي جي ايڊيٽر بيگم زينت پاڻ ۽ سب ايڊيٽر حميد سنڌي هو. حميد سنڌيءَ موجب: “آئون پاڻ شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس تہ صبح جو عبدالله صاحب جي لائبريريءَ ۾ “مارئي” رسالي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئس. بيگم زينت ۽ عبدالله صاحب جي مهربانين ۽ رهنمائيءَ سان نہ فقط مونکي اڳيان پڙهڻ جو شوق ٿيو پر “روح رهاڻ” جي اجراءَ جي شوق پويان پڻ انهن ماضيءَ جي ادبي يادن جو هٿ هو”.

ادبي پورهئي ۾ بيگم زينت جو ڪم نثر ۾ آهي. هن ڪهاڻيون، مضمون، تاثر، ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا آهن. ڪتاب “يادگارِ لطيف” کي ترتيب ڏنائين. سندس افسانا 1950ع کان پوءِ ظاهر ٿيا. ٽہ ماهي مهراڻ، نئين زندگي ۽ ٻين مخزنن ۾ ڇپيل افسانن ۾ “اونداهي”، “رانديڪو”، “مٺي”، “من اجرو تن اجرو” اهم آهن.

بيگم زينت ڪي گھڻيون ڪهاڻيون ڪونہ لکيون ۽ نہ ئي سندس ڪهاڻيون ڪتابي صورت ۾ ڇپيل موجود آهن. عام طور اهڙيون ايڪڙ ٻيڪڙ ڪهاِڻيون ادب جي وڏي افسانوي ڳاڻيٽي ۾ ضم ٿي پنهنجي حيثيت مڃائي ڪونہ سگهنديون آهن، پر سنڌي نثر ۾ سندس ڪهاڻين جو قائم رهڻ ۽ ادبي تاريخ ۾ سندس نالو هئڻ جو اهم سبب اهو آهي تہ هوءَ 1947ع کان پوءِ سنڌ جي پهرين ڪهاڻيڪار عورت شمار ٿئي ٿي. کانئس پوءِ ڪجھ عرصي بعد سندس پوئواري ڪندي ڪجھ ليکڪائون سامهون آيون، انهيءَ ڪري بيگم زينت جي خاتونِ اول ڪهاڻيڪار جي حيثيت ادب جي تاريخ ۾ اهم آهي.

اپريل 1956ع ۾ سندس ڪهاڻي “رانديڪو” نئين زندگيءَ رسالي ۾ ڇپي، جا عورت ۽ مرد جي محبت ۽ شادي شده زندگيءَ جي رُخن تي روشني وجھي ٿي. “مٺي” ڪهاڻي هڪ معصوم ٻار جي سڌن سادن ۽ فطري جذبن جي نمائندگي آهي، جنهن جو پنهنجي بيواهه ماءُ جي سواءِ ڪوبہ سهارو ڪونهي. دائود نالي نينگر کي پنهنجي ۽ پنهنجيءَ ماءُ جي وچ ۾ ڪنهن جي بہ شراڪت منظور ڪانهي. ايتري قدر جو هو پنهنجي ڳل تي ٻئي ڪنهن جي “مٺي” (چمي) بہ نٿو سهي سگهي. طبقاتي راڄ جي پس منظر ۾ لکيل هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال وڻندڙ آهي. “رانديڪو” ۽ “مٺي” ٻنهي ڪهاڻين ۾ هن محبت ۽ خلوص جي سچي ۽ فطري جذبي کي فوقيت ڏني آهي.

“من اجرو تن اجرو” ڪهاڻي مهراڻ 3، 1970ع ۾ شايع ٿي، هيءَ ڪهاڻي پڻ اصلاحي نوعيت جي آهي، جنهن ۾ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ٻن نينگرين جي صورت ۽ سيرت کي چِٽيو ويو آهي. “شانو” خوبصورت پر مغرور ترين ڇوڪري آهي، جنهن جي شادي هڪ امير ڇوڪري سان ٿئي ٿي، جو نشي جي عادت ۾ ڦاسي شانوءَ کي ڏکن ۽ ڏوجھرن ۾ وجھي ٿو، جا پوءِ سلھ جي مرض ۾ گھڙيون گھاري ٿي ۽ آخر انهيءَ بنگلي جي سرونٽ ڪواٽر ۾ رهي ٿي، جنهن بنگلي ۾ سندس سادي صورت واري ڪلاس فيلو ساهيڙي ڪنهن رئيس جي زال ٿي مالڪياڻي ٿي ويٺل آهي ۽ شانان سندس پٽيوالي جي ڀيڻ آهي، جيڪا آخري پساهن ۾ آهي. بيگم زينت شانل جي حسن جواني ۽ غرور سان گڏ آخري وقت جي بي وسيءَ کي چِٽيو آهي.

بيگم زينت جون ڪهاڻيون گھڻي ڀاڱي سادي سودي نموني اصلاحي انداز جون آهن، جن ۾ سماج جي براين جي نشاندهي ڪيل آهي. هن پنهنجي ڪهاڻين ۽ مضمونن معرفت سنڌي عورتن کي نہ فقط سجاڳيءَ جا پيغام ڏنا پر علم حاصل ڪرڻ ۽ پيرن تي بيهڻ لاءِ اُڀاريو ۽ خاص طور کين لکڻ پڙهڻ ۽ ادب ڏي موڙڻ ۾ هن وڏو ڪم ڪيو. ڊاڪٽر شمس عباسي سندن خدمتن کي مڃتا ڏيندي چيو آهي تہ، “زينت چنا کي اسان وساري نٿا سگهون. اها انگريزي نہ پڙهي هئي پر سنڌي ادب سان اهڙو تہ لڳاءُ هيس جو ثابت ڪري ڏيکاريائين تہ ٻهراڙيءَ جي عورت ڪنهن ڪم ۾ پوئتي نہ آهي. اها وڏي همٿ جي ڳالھ هئي”.