پشاور (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ۽ چونڊ نشان ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي ضمني درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اعجاز خان تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني ڪري رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي نوٽيس جاري ڪيو ڇو ته انٽرا پارٽي چونڊون پي ٽي آءِ درست نموني نه ڪيون آهن. وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي دليلن تي سوال اٿاريا ويا آهن ۽ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو غير آئيني آهي، جڏهن ته سنگل بئنچ چونڊ نشان بابت اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي معطل ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي منع نامو جاري ڪيو ويو ڌر هئڻ باوجود اليڪشن ڪميشن کي نه ٻڌو ويو آهي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته وفاقي سرڪار ڪيس ۾ ڌر ئي ناهي ۽ نه وري سندن اليڪشن ڪميشن جو ڪو ڪم آهي،اليڪشن ڪميشن هڪ بااختيار ادارو آهي جنهن کي پنهنجا فيصلا ڪرڻ جا اختيار آهن. هن چيو ته عدالت جيڪو رليف ڏنو اهو مڪمل فيصلو آهي جنهن کانپوءِ ڪجهه نه بچيو آهي، اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. ايڊووڪيٽ جنرل دليل ڏيندي چيو ته هو ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جا خواهشمند نه آهن، هو نگران صوبائي حڪومت آهن ۽ هنن لاءِ سڀ پارٽيون برابر آهن تنهن ڪري سندن معاملي سان ڪو تعلق ناهي. جسٽس اعجاز خان چيو ته وفاقي سرڪار جو به ساڳيو ئي موقف آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته سندن به ساڳيو ئي موقف آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.