اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان باوجود ملڪ ۾ پر امن سياسي سرگرمين تي قانون جي ابتڙ پابنديون ۽ تحريڪ انصاف جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي خلاف انتقامي ڪارواين ۾ تيزي آندي وئي آهي اهو جمهوريت جو قتل آهي، مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل علي نواز اعواڻ، اڪبر خان تنولي، ملڪ عامر سميت ٻين کي بيان لاءِ جبري طور تي گم ڪيو ويو آهي، کين آزاد ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي بيٽ جي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش چونڊن جي شفافيت خلاف سازش هوندي، خوف ۽ طاقت جي غلط استعمال سان چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان روڪيو ويو ته مزاحمت ڪئي ويندي. اهو به چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ انصاف جا در بند ڪيا ويا آهن.