بيٽري چورائڻ جي الزام ۾ نوجوان تي انسانيت سوز تشدد، ڪرنٽ ڏنا ويا: ويهڪ واري جاءِ تي لٺ وجهڻ جا الزام

0
441
ويهڪ واري جاءِ تي لٺ وجهڻ جا الزام
بيٽري چورائڻ جي الزام ۾ نوجوان تي انسانيت سوز تشدد، ڪرنٽ ڏنا ويا: ويهڪ واري جاءِ تي لٺ وجهڻ جا الزام

پڊعيدن ۾ بيٽري چورائڻ جَي الزام ۾ نوجوان کي انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻايو ويو، بجلي جا ڪرنٽ ڏيڻ سان گڏ کيس ويهڪ واري جاءِ تي لٺيون وجهڻ جا الزام سامهون آيا آهن

نوجوان راشد راجپوت جي پيءُ موجب بااثر پير شفيق شاهه بيٽري چورائڻ جي الزام ۾ منهنجي پٽ راشد راجپوت اوطاق ۾ رسن سان ابتو ٽنگي سخت تشدد ۽ تذليل جو نشانو بڻايو

وارثن موجب نوجوان کي بجلي جا ڪرنٽ ڏئي لوهي پائپن سان تشدد ڪرڻ بعد ويهڪ واري جاءِ تي لٺيون وڌيون ويون، جڏهن ته نوجوان کي بيهوشي واري حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو

نوجوان جي والد ۽ ٻين وارثن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان کان مطالبو ڪيو ته بااثر پير خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏنو وڃي

ٻئي پاسي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او پڊعيدن ٻڌايو ته اسان کي ان معاملي بابت ڪا به ڄاڻ نه آھي جاچ ڪري رهيا آھيون