بيوروڪريسي قديم زماني کان حڪومت لاءِ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي آئي آهي، جنھن مختلف تهذيبن ۽ تمدنن ۾ انتظاميا جو بنيادي ڍانچو جوڙيو آهي. اصل ۾، بيوروڪريسيءَ جو مقصد حڪومتي نظام کي منظم ڪرڻ، پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ هو پر وقت سان گڏ، بيوروڪريسي هڪ اھڙو ادارو بڻجي وئي آهي، جيڪو اختلاف راءِ کي دٻائڻ، نااھليءَ کي برقرار رکڻ ۽ حڪمران طبقن جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪم ايندي آهي. قديم محلن جي ڪوريڊورز کان وٺي جديد دور جي يونيورسٽين جي آفيسن تائين، بيوروڪريسي هڪ اوزار طور ڪم ڪري رهي آهي، جيڪو نواڻ/اختراع ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ بدران قابو ۾ رکڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هن مضمون ۾، بيوروڪريسي جي تاريخي سفر، حاڪمن سان ان جي لاڳاپن، ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ واري ان جي بنيادي ڪردار تي بحث ڪيو ويو آهي. ان کان علاوهه ان ڳالھ جو جائزو به ورتو ويو آهي ته ڪيئن بيوروڪريسي سنڌ جي اعليٰ تعليم کي متاثر ڪيو آهي، جتي هڪ اداري هڪ رٽائرڊ بيوروڪريٽ جي سخت انتظامي قيادت هيٺ ترقي ڪئي، جڏهن ته ٻيون يونيورسٽيون نظرانداز، بدعنواني ۽ جانبدار وسيلن جي ورهائڻ جي ڪري پسماندگي جو شڪار ٿيون.
بيوروڪريسي جو تاريخي جائزو
قديم تمدن ۾ بيوروڪريسي: بيوروڪريسي جو بنياد قديم مصر، ميسوپوٽيميا، چين ۽ روم تائين وٺي سگهجي ٿو. مصر ۾، فرعون لکتڻن (scribes) ۽ منتظمن تي ڀروسو ڪندا هئا، جيڪي ٽيڪس وصول ڪرڻ ۽ اهرام جهڙن وڏن منصوبن لاءِ مزدورن جو انتظام ڪندا هئا. ساڳي طرح، چين ۾ ڪن ۽ هان خاندانن هڪ منظم بيوروڪريٽڪ نظام قائم ڪيو، جيڪو ميريٽ تي ٻڌل امتحاني نظام سان گڏ ڪم ڪندو هو ۽ صدين تائين قائم رهيو. رومي سلطنت به پنهنجي وسيع علائقن کي منظم ڪرڻ لاءِ اهلڪار مقرر ڪيا، جيڪي ٽيڪس، انصاف ۽ عوامي ڪمن جي ذميواري سنڀاليندا هئا. انهن قديم بيوروڪريسين حڪومت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر انهن آمرانه حڪمراني کي به مضبوط ڪيو. بيوروڪريٽس رياستي طاقت جو نفاذ ڪندڙ هئا، جيڪي پابندين تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ ۽ مخالفت کي دٻائڻ لاءِ ڪم ڪندا هئا. جيڪي به حالتن کي چيلينج ڪندا هئا، انهن کي خاموش ڪيو ويندو هو، ۽ هيءَ روايت تاريخ ۾ جاري رهي.
بيوروڪريسي ۽ قومي رياستن جو اُڀار:
16 کان 18 صديءَ جي شروعاتي جديد دور ۾، بيوروڪريٽڪ نظام وڌيڪ منظم ٿيڻ لڳا، جيئن يورپي بادشاهتن پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيو. فرانس جو لوئيس چوڏهين هڪ پيچيده بيوروڪريسي قائم ڪئي، جيڪا حڪمرانيءَ جي هر پهلوءَ تي ضابطو رکندي هئي ۽ يقيني بڻائيندي هئي ته فيصلا حڪمران طبقي جي مفادن ۾ ٿين. برطانوي سلطنت هن ماڊل کي پنهنجن ڪالونين ۾ به لاڳو ڪيو، جن ۾ هندستان به شامل هو، جتي انڊين سول سروس (ICS) ڪالونيائي انتظاميا جو بنياد بڻجي وئي. آءِ سي ايس هڪ چٽو مثال هو ته ڪيئن بيوروڪريسي عوام جي ڀلائي بدران ان کي وسَ ۾ رکڻ لاءِ جوڙي وئي هئي. انگريز بيوروڪريٽ وسيلن جي کوٽائي ۽ قانون لاڳو ڪرڻ تي زور ڏيندا هئا، جيڪو گهڻو ڪري مڪاني ماڻهن جي قربانيءَ جي قيمت تي ٿيندو هو. اختلافِ راءِ کي دٻائڻ هن نظام جو مکيه ڪم هو، ڇو ته انگريزن جي راڄ کي ڪنهن به للڪار جا سخت نتيجا ڀوڳڻا پوندا هئا.
اڄ جي حڪومت ۾ بيوروڪريسي جو ڪردار
بيوروڪريسي جا مقصد ۽ وس
بيوروڪريسي جا بنيادي فرض حڪومتي پاليسين تي عمل ڪرائڻ، قانونن تي نظر رکڻ، وسيلن جي سنڀالُ، لکپڙهه جو بندوبست ۽ عوامي سهولتون پهچائڻ آهن. پر اڪثر، اهي عام ماڻهن بدران حڪمرانن جي ڀلائيءَ لاءِ ئي ڪم ايندا آهن. بيوروڪريسيون گويا دربانن جو ڪردار نڀائينديون آهن، ته جيئن طاقت ڪنهن خاص ٽولي تائين محدود رهي.
اختلافِ راءِ کي چيڀاٽڻ ۽ حڪمران طبقي کي سگهه ڏيڻ
بيوروڪريسيءَ تي سڀ کان وڏي تنقيد ان جي تبديليءَ جي مخالفت ۽ اختلافِ راءِ کي دٻائڻ واري روش سبب ٿيندي آهي. خاص طور تي، هيءَ روش آمراڻي سرڪار ۾ چٽي نظر ايندي آهي، جتي بيوروڪريٽ حڪومتي ضابطن کي سختيءَ سان لاڳو ڪرائيندا آهن. اختلافِ راءِ رکندڙن کي بيوروڪريٽڪ رنڊڪن، دير، يا سڌيءَ طرح سهولتن کان محروم ڪرڻ ذريعي خاموش ڪيو ويندو آهي.
پاڪستان ۾ بيوروڪريسي ۽ اعليٰ تعليم تي ان جو اثر
پاڪستان ۾، بيوروڪريسي جو نظام برطانوي دور کان ورتل آهي، ۽ ان جي ايلٽسٽ (elitist) ۽ غير شفاف (opaque) نوعيت ۾ ڪا وڏي تبديلي نه آئي آهي. بيوروڪريٽ اڪثر پنهنجن عهدن کي سياسي مفادن لاءِ استعمال ڪندا آهن، حليفن کي فائدو پهچائيندا آهن، ۽ مخالفن لاءِ رڪاوٽون پيدا ڪندا آهن. هيءَ صورتحال سنڌ ۾ خاص طور تي واضح آهي، جتي بيوروڪريٽڪ عملدار تاريخي طور تي زميندارن ۽ سياستدانن سان گڏجي پنهنجي طاقت کي برقرار رکندا آيا آهن.
اعليٰ تعليم ۾ بيوروڪريٽڪ حڪمراني: سنڌ جو هڪ ڪيس اسٽڊي
“بيوروڪريٽڪ يونيورسٽي” جو اُڀار: گذريل ڪجهه سالن دوران، سنڌ جي هڪ يونيورسٽي صوبي جي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ هڪ غيرمعمولي مثال طور اُڀري آهي. جڏهن ته ٻيون سرڪاري يونيورسٽيون مالي بحران ۽ انتظامي مسئلن سان منهن ڏئي رهيون آهن، هي ادارو جيڪو بعد ۾ يونيورسٽي بڻيو هڪ ريٽائرڊ بيوروڪريٽ جي قيادت ۾ ترقي ڪئي، جيڪو بنا ڪنهن احتساب (accountability) جي مڪمل اختيار استعمال ڪندو رهيو.
بيوروڪريٽڪ حڪمراني جون خاصيتون
مرڪزي ڪنٽرول – هي يونيورسٽي بنا ڪنهن سنڊيڪٽ جي ڪم ڪري رهي هئي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اهم فيصلا صرف ھڪ شخص/بيوروڪريٽ طرفان ڪيا ويندا هئا.
– اسٽريٽيجڪ فيڪلٽي مقرريون – نئين اداري ھجڻ ڪري تقريبن سموري فيڪلٽي نوجوانن تي مشتمل ھئي، جيڪي ھن پاڻ ڀرتي ڪيا ھئا، کين پي ايڇ ڊي لاءِ ٻاهر موڪليو ويو، جڏهن ته سينيئر پروفيسرن کي اداري اندر مقرر ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو.
فنڊنگ جو غلط استعمال – اھو بيوروڪريٽ حڪومتي گرانٽن تي ڪنٽرول پڻ رکندو هو، پنهنجي اداري لاءِ غير متناسب طور تي وسيلا مختص ڪندو هو، جڏهن ته ٻين پراڻين يونيورسٽين کي بنيادي وسيلن کان محروم رکيو ويندو هو.
سياسي سرپرستي – يونيورسٽي کي هڪ حڪومتي پارٽي جي سياستدان جي غيرمعمولي مدد پڻ حاصل هئي، جيڪو يقيني بڻائيندو هو ته مالي وسيلا رڳو سندس شھر جي اداري کي ڏنا وڃن.
طرفداري جو قيمت: پراڻين يونيورسٽين جو زوال
جڏهن ته هيءَ يونيورسٽي ترقي ڪندي رهي، جيڪا تمام بھتر ڳالھ ھئي ته جيئن علائقي جي ماڻھن کي بھتر تعليمي سهولتون فراهم ٿي سگھن، ليڪن سنڌ جون پراڻيون يونيورسٽيون مالي ۽ انتظامي بي ڌيانيءَ سبب زوال جو شڪار ٿي ويون. وسيلن جي غير منصفاڻي ورهاست جي ڪري، ڪيترائي تعليمي ادارا هيٺين مسئلن سان منهن ڏئي رهيا آهن:
پراڻو انفراسٽرڪچر – عمارتون ۽ تعليمي سهولتون زبون حال ٿي ويون، جيڪي علمي ترقي کي روڪي رهيون آهن.
-فيڪلٽي جي ترقيءَ جي گهٽتائي – فيڪلٽي ميمبرن جي شديد کوٽ کان علاوه اتان جي استادن کي اعليٰ تعليم ۽ تحقيق جا موقعا نه پيا ڏنا وڃن.
مالي بحران – رٽائرمينٽ جي پئسن جي ادائگي، شاگردن جي اسڪالرشپس، ۽ تحقيق لاءِ ناڪافي فنڊ موجود آهن.
علمي جمود – پراڻي نصاب ۽ بجيٽ جي کوٽ جي ڪري تحقيق جا موقعا محدود ٿي ويا آهن.
بيوروڪريسي ۽ اعليٰ تعليم ۾ عدم مساوات هڪ يونيورسٽي کي وڌ ۾ وڌ فنڊ ۽ وسيلا ڏيڻ ۽ ٻين کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪرڻ، بيوروڪريسي جي غير منصفاڻي عمل جو واضح مثال آهي. هيءَ صورتحال اعليٰ تعليم ۾ منظم ناانصافي ۽ ادارتي زوال جو سبب بڻي آهي. اھا سوچ ته يونيورسٽي دٻاءَ ۽ سخت بيوروڪريٽڪ انتظام ذريعي اعليٰ ڪارڪردگي حاصل ڪري سگهي ٿي، هڪ غلط ۽ نتيجن نقصانڪار طريقو آهي. جيتوڻيڪ هڪ پابندين وارو ڪم جو ماحول مختصر مدت ۾ ڪجهه نتيجا ڏئي سگهي ٿو، پر اهو گهڻي عرصي تائين پائيداري، تخليقيت، ۽ حوصلي جي قرباني تي اچي ٿو. يونيورسٽي، ذهني ترقي ۽ نون خيالن جو مرڪز هجڻ ڪري، علمي آزادي، تعاون، ۽ فيڪلٽي توڙي شاگردن جي بهتري تي ترقي ڪري ٿي.
دٻاءُ وجهڻ وارا طريقا—جهڙوڪ، مائڪرو مينيجمينٽ، غير ضروري پابنديون ۽ خوف تي ٻڌل انتظام— وقتي طور تي ڪارڪردگي جو ڏيک ڏئي سگهن ٿا، پر اصل ۾ تنقيدي سوچ کي دٻائين ٿا، اختلاف راءِ کي روڪين ٿا، ۽ اعتماد کي ختم ڪن ٿا. بيوروڪريسي جي حد کان وڌيڪ مداخلت، جيڪا درجيوار ڪنٽرول ۽ غير لچڪدار پاليسين سان واضح ٿئي ٿي، علم جي اصل جوهر آزادانه فڪر ۽ بحث کي ختم ڪري سگهي ٿي.
جيئن ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته دٻاءُ ۽ سخت نگراني سٺي ڪارڪردگي لاءِ ضروري آهن، پر هيءَ سوچ ذهني دٻاءُ، ٿڪاوٽ ۽ ادارن مان قابليت رکندڙ ماڻهن جي نيڪالي جهڙن نقصانن کي نظرانداز ڪري ٿي. يونيورسٽيءَ ۾ حقيقي عظمت زور زبردستي ذريعي نه، پر هڪ سهائتا ڏيندڙ، خودمختيار، ۽ ذهني تجسس سان ڀريل ماحول ذريعي حاصل ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ چئلينجز ۽ اعليٰ معيار ضروري آهن، پر انهن کي همدردي، آزادي، ۽ انفراديت جي احترام سان متوازن رکڻ گهرجي، جيڪي تعليمي ادارن جي سڃاڻپ جو بنياد آهن.
سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽي قانونن ۾ حاليه ترميم، جيڪا بيوروڪريٽس کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿي، اعليٰ تعليم جي خودمختياري ۽ علمي معيار کي ڪمزور ڪري ٿي. عالمي سطح تي يونيورسٽيون علمي قيادت هيٺ ترقي ڪن ٿيون، جتي قابليت، تحقيقي اخلاقيات ۽ آزادانه انتظام کي اوليت ڏني وڃي ٿي. بيوروڪريٽس، جن ۾ علمي تجربو نه هجي، علمي عظمت بدران انتظامي ڪنٽرول تي وڌيڪ ڌيان ڏين ٿا، جنهن سان ڪارڪردگي متاثر ٿئي ٿي ۽ تعليمي معيار گھٽجي وڃن ٿا. اهڙي سياسي مداخلت ادارن جي خودمختياري کي ختم ڪري، علمي ترقي جي راهه ۾ رنڊڪ بڻجي ٿي ۽ سنڌ جي اعليٰ تعليمي نظام کي ڪمزور ڪري ٿي. يونيورسٽيون خودمختيار هجڻ گهرجن ۽ انهن جي قيادت نامور عالمن جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي، ته جيئن اهي بين الاقوامي معيار برقرار رکي سگهن ۽ ذهني ترقي کي هٿي وٺرائين. علمي آزادي ۽ تعليمي عظمت کي محفوظ رکڻ لاءِ، هن ترميم کي رد ڪرڻ ضروري آهي.
يونيورسٽي هڪ ذهني ترقي جو مرڪز هجڻ گهرجي، جتي مختلف خيالن جي پرورش ٿئي ۽ علمي آزادي محفوظ رهي. بيوروڪريسي جي حد کان وڌيڪ اختيار—جهڙوڪ، مائڪرو مينيجمينٽ، غيرضروري پابنديون، ۽ خوف تي ٻڌل حڪومت—هن بنيادي اصول کي تباهه ڪري ٿي. فيڪلٽي ميمبر ۽ شاگرد بيزاري جو شڪار ٿين ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ تحقيق جي پيداوار، اختراع، ۽ ادارتي وقار گهٽجي وڃن ٿا. يونيورسٽين کي زور زبردستي بدران گڏيل حڪمراني جو طريقو اختيار ڪرڻ گهرجي، جتي فيڪلٽي، شاگرد ۽ انتظاميا گڏيل فيصلا ڪن. اهڙي حڪمراني جو نمونو هڪ سهائتا ڏيندڙ، خودمختيار، ۽ علمي عظمت واري ماحول کي هٿي وٺرائي ٿو.
نتيجو: اصلاح جي ضرورت
بيوروڪريسي، جيڪا اصل ۾ حڪومت جي نظام کي منظم رکڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي، اڪثر ڪنٽرول ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جو اوزار بڻجي ٿي. ڪالونيائي نظام کان وٺي اڄ تائين، ان جي ناڪاري اثرن، طرفداري، ۽ محدوديتن سبب تعليمي ادارن جي ترقي متاثر ٿي آهي.
سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جو مسئلو بيوروڪريٽڪ مداخلت کي واضح ڪري ٿو، جيڪا ڪجهه ماڻهن کي فائدو پهچائيندي ٻين کي وسيلن کان محروم ڪري ٿي. بيوروڪريٽڪ نظام هڪ يونيورسٽيءَ کي ترقي ڏياري سگهي ٿو، پر ساڳئي وقت ٻين يونيورسٽين کي پسماندگي ۾ ڌڪڻ جو ڪارڻ به بڻجي ٿو.
جيڪڏهن پاڪستان جا علمي ادارا عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ چاهين ٿا، ته فوري ۽ ضروري اصلاحات آڻڻيون پونديون. انهن ۾ شامل آهن:
* ميرٽ تي ٻڌل مقرريون يقيني بڻائڻ: وائس چانسلر ۽ فيڪلٽي جي چونڊ سياسي وفاداري بدران علمي قابليت جي بنياد تي ٿيڻ گهرجي.
* شفاف فنڊ ورهاست: حڪومت پاران ملندڙ فنڊ يونيورسٽين ۾ برابر ورهائجڻ گهرجن ته جيئن هر ادارو پنهنجي ضرورتن مطابق ترقي ڪري سگهي.
* بيوروڪريسي جي حد کان وڌيڪ مداخلت گھٽائڻ: يونيورسٽين کي اڪيڊمڪ ليڊر شپ هيٺ خودمختيار ادارن جي طور تي ڪم ڪرڻ گهرجي.
* علمي آزادي جو تحفظ: اختلاف راءِ ۽ نون خيالن کي تسليم ڪيو وڃي ته جيئن نوان خيال ۽ ذهني ترقي ممڪن ٿي سگهي.
صرف انهن اصلاحات ذريعي ئي بيوروڪريسي، تعليم ۽ تحقيق ۾ رنڊڪ بڻجڻ بدران، علمي ۽ سماجي ترقيءَ جو اهم اوزار بڻجي سگهي ٿي. سنڌ ۽ مجموعي طور تي پاڪستان جي اعليٰ تعليم جو مستقبل بيوروڪريسي جي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ تي منحصر آهي، جيڪو علم، شفافيت، ۽ حقيقي ميرٽ جي بنياد تي هلي.