ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينڪنگ سيڪٽر تي ونڊ فال ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف داخل درخواستون رد ڪري ڇڏيون، جسٽس آغا فيصل جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪندي 34 ارب ٽيڪس وصولي خلاف اسٽي ۾ واڌ به ختم ڪري ڇڏي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته فارن ڪرنسي جي قيمتن ۾ تبديلي سان بينڪ کي ملندڙ منافعي تي ونڊ فال ٽيڪس کي لاڳو ڪيو ويو هو، عدالتي اسٽي ذريعي ٽيڪس جي وصولي کي معطل ڪيو ويو، عدالتي موجب ونڊ فال ٽيڪس جو لاڳو ٿيڻ ملڪي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪا نئين شي ناهي، هتي فنانس ايڪٽ 2023 تحت مخصوص انڪم ۽ منافعي تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو، درخواستگذار جي وڪيل پنهنجي دليل ۾ ونڊ فال ٽيڪس لاڳو ٿيڻ کي غير آئيني قرار ڏنو آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئيني عدالتن کي قانون کي غير آئيني قرار ڏيڻ جو اختيار حاصل آهي، عدالت جو قانوني سازي جي آئيني حيثيت کانسواءِ ڪنهن معاملي سان واسطو ناهي، انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي سيڪشن 99D جو معطلي لاءِ آئين سان متصادم ٿيڻ ضروري آهي، درخواستگذارن جي وڪيلن جي دليلن ۾ تضاد ڏٺو ويو، رڳو خدشن جي بنياد تي ڪنهن به قانون کي معطل نٿو ڪري سگهجي، آئين تحت پارليامينٽ کي قانون سازي جو اختيار حاصل آهي، درخواستگذار جي وڪيل ٽيڪس کي هڪ مهيني لاءِ معطل ڪرڻ جي زباني استدعا ڪئي هئي، سپريم ڪورٽ قانون سازي کي معطل ڪرڻ بابت اسٽي ۾ واڌ کي پسند نٿي ڪري.